Friday , March 29 2024

قومي اسيمبلي جو اجلاس 13 اگسٽ تي طلب، پاڪستان ۾ چوٿون ڀيرو اقتدار جي منتقلي 18اگسٽ تي ٿيندي

اسلام آباد (رپورٽر سنڌسماءَچار ) پاڪستان ۾ 25 جولاءِ تي ٿيل عام چونڊن جا سمورا مرحلا مڪمل ٿين بعد قومي اسيمبلي جو اجالس 13 اگسٽ تي ٿيندو، صدر ممنون حسين پاران اجلاس سڏائڻ لاءِ جاري ڪيل نوٽيفڪيشن مطابق؛ قومي اسيمبلي جا نوان چونڊيل ميمبر (ايم اين ايز) حلف کڻندا جنهن بعد اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ ٿيندي.

صدر ممنون حسين قومي اسيمبلي جو اجلاس 13 اگسٽ تي سڏائي ورتو آهي، جنهن جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي. قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر سردار اياز صادق ڪندو ۽ نون چونڊيل ايم اين ايز کي قسم کڻائيندو. قومي اسيمبلي جي سڏايل اجلاس جي شيڊيول مطابق، نون چونڊيل ميمبرز جي حلف برداري کانپوءِ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ وار مرحلو شروع ٿيندو. اسپيڪر اياز صادق جي صدارت هيٺ ٿيندڙ قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ نئين اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ کانپوءِ سردار اياز صادق پن هنجي ذميوارين کان آجو ٿي ويندو. ملڪ جي نئين وزيراعظم جي چونڊ جو مرحلو 13 اگسٽ کانپوءِٿيندو.

پي ٽي آءِ جو چيئرمين ۽ پارٽي پاران وزيراعظم  جي عهدي لاءِ نامزد ڪيل عمران خان جشن آزادي جي 14 اگسٽ واري موڪل کانپوءِ قومي اسيمبلي جو اجلاس ٿيندو، جنهن ۾ ليڊر آف دي هائوس/ وزيراعظم جي چونڊ ٿيندي ۽ نئون چونڊيل وزيراعظم / عمران خان 18 هين اگسٽ تي عهدي جو حلف کڻندو. شيڊيول مطابق وزيراعظم جي قسم کڻڻ واري تقريب ايوان صدر ۾ ٿيندي.پي ٽي آءِ جي مرڪزي اڳواڻ فيصل جاويد به عمران خان جي قسم کڻڻ لاءِ 18 آگسٽ جي تاريخ مقرر ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي.

مخالف ڌر جي گرينڊ الائنس پاران عمران خان جي مقابلي ۾ مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف کي وزارت عظميٰ جو اميدوار نامزد ڪيو آهي جڏهن ته خورشيد شاهه قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر جو اميدوار آهي.

پي ٽي آءِ پاران قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر لاءِ اسد قيصر کي نامزد ڪيو ويو آهي، جنهن جي چونڊ قومي اسيمبلي جي پهرين اجلاس ۾ ٿيندي. سندس چوڻ هو ته تحريڪ انصاف پنهنجي اتحادين ۽ ق ليگ سان گڏجي پرويز الاهي کي اسپيڪر نامزد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

ياد هجي ته پاڪستان جي تاريخ ۾ هي چوٿون ڀيرو آهي جو هڪ چونڊيل حڪومت پرامن طريقي سان اقتدار جي منتقلي ٿيڻ وڃي رهي آهي. پهريون ڀيرو 2002 ۾ شوڪت عزيز وزير اعظم ٿيو هو. جنهن بعد 2008 ۾ عام چونڊن ۾ پيپلز پارٽي جي ڪاميابي تي يوسف رضا گيلاني وزيرعاظم ٿيو هو ۽ اقتدار جي متقلي ٿي هئي. انکانپوءِ 2013  جي عام چونڊن ۾ ڪاميابي تي نواز شريف وزيراعظم ٿيو هو، ۽ اقتدار جي ٽيون ڀيرو لاڳيتو 5 / 5 سالن جي آئيني مدي مڪمل ٿيڻ بعد منتقلي ٿي هئي. هاڻي 2018 جي عام چونڊن ۾ پي ٽي آءِ جي ڪاميابي بعد اقتدار جي چوٿون ڀيرو منتلقي ٿيڻ وڃي رهي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *