Wednesday , April 24 2024

قلندر شهباز جي مزار تي سيڪيورٽي نه هئڻ جي جاچ ڪرائي وڃي: غنويٰ ڀٽو

غنويٰ ڀٽوGhinwa Bhutto1

پيپلز پارٽي شهيد ڀٽو جي چيئرپرسن غنويٰ ڀٽو چيو آهي ته، قلندر لال شهباز جي مزار سميت سنڌ جي سمورين درگاهن تي سيڪيورٽي جا انتظام اڻپورا آهن، جنهن جي سڄي ذميوار سنڌ حڪومت آهي. پ پ شهيد ڀٽو جي چيئرپرسن غنويٰٰٰٰٰٰ ڀٽو سيوهڻ دهشتگردي ۾ شهيد ٿيل لاڙڪاڻي واسين جي وارثن وٽ پهچي ساڻن تعزيت ڪئي ۽ سيوهڻ ڌماڪي ۾ زخمي ٿيلن جي عيادت به ڪئي. ان موقعي تي غنويٰ ڀٽو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سيوهڻ ۾ درگاهه قلندر لال شهباز جي مزار تي سيڪيورٽي نه هئڻ سبب دهشتگردي جو واقعو پيش آيو، سانحي جا ذميوار حڪمران آهن. سنڌ ۾ موجود مزارن ۽ درگاهن تي سيڪيورٽي جا انتظام اڃا تائين اڻپورا آهن، سنڌ حڪومت ان سلسلي ۾ انتهائي غيرسنجيدگي جو مظاهرو ڪري رهي آهي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي غنويٰ ڀٽو چيو ته سيوهڻ ۾ درگاهه قلندر تي حملو سيڪيورٽي جا سحيح انتظام نه هئڻ سبب پيش آيو، واقعي جا ذميوار حڪمران آهن. غنويٰ ڀٽو جو وڌيڪ چوڻ هو ته سيوهڻ بم ڌماڪي جي زخمين جو علاج به صحيح نموني نه ٿي رهيو آهي…..

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *