Thursday , April 25 2024

قبائلي تڪرار علم جي روشني پکيڙيندڙ ڏيئو اجهائي ڇڏيو، حڪومت خاموش تماشائي بڻيل

سکر / ڪشمور ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ مٿان قبيلائي تڪرارن جو عذاب برقرار، ڪشمور ۾ وحشي جوابدارن فرانس مان پي ايڇ ڊي ڪري سنڌ واسين ۾ علم جي روشني پکيڙيندڙ پروفيسر اجمل ساوند کي بيدردي سان شهيد ڪري ڇڏيو. پروفيسر اجمل جي ڀاءُ ڊاڪٽر طارق ساوند جو چوڻ آهي ته پروفيسر اجمل جو قتل رڳو منهنجي ڀاءُ جو قتل نه پر اُهو سنڌ جي شعور ۽ ساڃاهه جو قتل آهي. پوليس جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪکُ ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو. ڪشمور ويجهو شالو واري علائقي ۾ هٿياربندن حملو ڪري آءِ بي اي سکر جي پروفيسر اجمل ساوند کي شهيد ڪري ڀڄي ويا، اطلاع تي وارثن ۽ علائقي واسين پهچي پروفيسر اجمل ساوند جو مڙهه کڻائي اسپتال منتقل ڪيو. پروفيسر اجمل ساوند جو مڙهه اسپتال مان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، سندس جنازي نماز سکر جي سوسائٽي واري علائقي ۾ ادا ڪئي وئي، جنازي نماز ۾ وڏي انگ ۾ ماڻهن شرڪت ڪئي، پروفيسر اجمل ساوند جو مڙهه سوين آلين اکين سان سوسائٽي واري علائقي ۾ قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.

پروفيسر ڊاڪٽر اجمل ساوند فرانس مان ڪمپوٽر سائنس ۾ پي ايڇ ڊي ڪري آءِ بي اي سکر يونيورسٽي ۾ پروفيسر طور خدمتون سرنجام ڏئي رهيو هو. صوفي ازم ۽ انسان دوستي تي يقين رکندڙ ڊاڪٽر اجمل قبيلائي تڪرارن، ڪارو ڪاري ۽ سماج ۾ مدي خارج رسمن جو سخت مخالف هو ۽ تعليم لاءِ پاڻ پتوڙيندو رهندو هو.

ڪنڌڪوٽ ۾ پروفيسر ڊاڪٽر اجمل ساوند جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ سياسي، سماجي تنظيمن ۽ سول سوسائٽي پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. گهنٽا گهر چوڪ تي احتجاج دوران سياسي ۽ سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ شهرين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته هي هڪ فرد جو قتل نه پر سنڌ جي شعور جو قتل آهي، ڊاڪٽر اجمل ساوند صرف ساوند برادري جو ماڻهو نه پر سنڌ جو شعور هو، جنهن کي بيدردي سان قتل ڪيو ويو. اجمل ساوند پرڏيهه مان تعليم حاصل ڪئي پر هُن اُتي پڙهائڻ بجاءِ ڏيهه اچي سنڌ جي شاگردن کي تعليم ۽ تربيت ڏيڻ کي ترجيع ڏني. هنن چيو ته اڄ سڄي سنڌ سوڳوار آهي، شاگردن جي اکين ۾ لڙڪ آهن، سنڌ حڪومت قاتلن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي ۽ قبائلي جهيڙا روڪرائڻ ۾ ڪردار ادا ڪري.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *