Saturday , April 20 2024

قانون جي ابتڙ ارسا ۾ وفاق جو نمائندو سنڌ بدران پنجاب مان مقرر، سنڌ اسيمبلي مان ٺهراءُ منظور

منهنجي گرفتاري جا خواب ڏسڻ ڇڏي ڏيو، ڪنهن جي به اهڙي خواهش پوري نه ٿيندي: مراد علي شاهه

ڪراچي (رپورٽر  سنڌسماءَچار) وفاقي ڪابينا پاران قانون جي خللاف ورزي ڪندي انڊس رور سسٽم اٿارٽي (ارسا) ۾ وفاق جو نمائندو سنڌ بدران پنجاب مان مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏيڻ خلاف سنڌ اسميبلي هڪ ڀيرو ٻيهر ٺهراءُ منظور ڪري ڇڏيو آهي. اجلاس دوران ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته 1999ع ۾ جاري ٿيل چيف ايگزيڪيوٽو آرڊر کي آئيني تحفظ مليل آهي، جنهن ۾ واضح ڪيو ويو آهي ته ارسا ۾ وفاق جو نمائندو سنڌ مان مقرر ڪيو ويندو، موجوده وفاقي حڪومت پنجاب مان نمائندو مقرر ڪري ناانصافي ڪئي آهي. وفاقي ڪابينا جي 11 ميمبرز مان 3 سنڌي ڳالهائيندڙ ميمبر اجلاس دوران غير حاضر رهيا، سنڌ جي عوام کي اُنهن ميمبرز ۽ وزيرن کان پُڇاڻو ڪرڻ گهرجي.

وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته هن فيصلي سان سنڌ ۾ محروميءَ جو احساس وڌندو، ڀلي اپوزيشن وارا ساٿ نه ڏين، پر هو سنڌ جي حقن لاءِ ويڙهه جاري رکندا. ارسا ۾وفاق جو نمائندو سنڌ بدران ٻئي صوبي مان مقرر ڪرڻ واري فيصلي جي منظوري دوران جي ڊي اي سان واڳيل ميمبر وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ غيرحاضر هئا.

پيپلز پارٽي طرفان پيش ڪيل ٺهراءُ جِي گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس سان واسطو رکندڙ حسنين مرزا، پي ٽي آءِ ايم پي اي حليم عادل شيخ ۽ ۾تحده پاڪستان جي ڪنور نويد جميل حمايت ڪئي. اُن موقعي تي ڳالهائيندي حسنين مرزا چيو ته ڊاڪٽر فهميده مرزا سرڪاري دوري تي آذر بائيجان ويل آهي. وزيراعظم  سان گذريل ڏينهن ملاقات دوران سخت موقف رکيو ويو ۽ واضح طور چيو ويو ته سنڌ جي اشوز تي ڪابه سوديبازي نه ڪئي ويندي. جڏهن ننڍڙو ماڻهو وڏي ڪرسي تي ويندو آهي ته غلط بياني ۽ غلط فيصلا ڪندو آهي.

سنڌ اسيمبلي جي اجلاس دوران ڳالهائيندي متحده ايم پي اي خواجه اظهار ٺهراءُ جي حمايت ڪئي ۽ چيو ته هر ڀيري پيپلز پارٽي وارا سنڌ ڪارڊ کيڏندا آهن، ارسا ۾ سنڌ جو نمائندو هجڻ گهرجي، پر اپوزيشن جو نمائندو ڇو؟ سندس نظر ۾ وزيراعظم صحيح فيصلو ڪيو آهي. سنڌ ۾ اپوزيشن کي ڪهڙي نمائندگي ملي آهي؟ ڪي ڊي اي، واٽر بورڊ ۽ يونيورسٽيز ۾ اسان جي ڪوٽا ڪٿي آهي؟ يونيورسٽيز ۾ آڱوٺي ڇاپ وي سي مقرر ڪيا ويا، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي 11 ميمبرز مان ڪراچي جو ڊوميسائيل رکندڙ هڪ به ميمبر نه آهي. هُن وڌيڪ چيو ته سندن جماعت اصولي طور تي ٺهراءُ جي حمايت ڪري ٿي، پر پيپلز پارٽي کي آئينو ڏيکارڻ ضروري آهي.

اپوزيشن ليڊر طرفان ترميم جي تجويز ۽ حمايت

اپوزيشن ليڊر فردوس شميم نقوي به ارسا ۾ وفاق جو نمائندو مقرر نه ٿيڻ خلاف ٺهراءُ جي حمايت ڪئي ۽ تبديلي لاءِ ترميمون تجويز ڪيون. فردوس شميم نقوي جو چوڻ هو ته جنهن وقت پيپلز پارٽي جي وفاق ۾ حڪومت هئي، اُن وقت به ارسا ۾ سنڌ مان وفاق جو نمائندو مقرر نه ٿيو هو.

ذوالفقار مرزا جي پٽ حسنين مرزا، ملڪ رياض جي ناٺي کان ڏوڪڙ ورتا، ريفرنس داخل

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *