Thursday , March 28 2024

قائداعظم يونيورسٽي مان نيڪالي ڏنل 40 سنڌي شاگردن جو مستقبل داءَ تي لڳل

اسلام آباد ( الطاف سيال رپورٽر سنڌسماءَچار) ڪجهه مهينا اڳ قائداعظم يونيورسٽي ۾ شاگردن جي ٻن ڌرين ۾ معمولي ڳالهه ٿيل جهيڙي بعد نيڪالي ڏنل 40 سنڌي شاگردن جو مستقبل داءَ تي لڳي ويو آهي. متاثر شاگرد گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان اسلام آباد ۾ احتجاج ڪري رهيا آهن پر ڪير به سندن دقاد رسي ڪرڻ وارو ناهي. شاگردن جي هڪ وفد پ پ سينيٽر عاجز ڌامراهه سان ملاقات ڪري پنهنجي مسئلي بابت تفصيل ٻڌايا.

شاگرن جي وفد سان ملاقات دوران عاجز ڌامراهه قائد اعظم يونيورسٽي اسلام آباد جي ريسٽيڪيٽ ڪيل 40 سنڌي شاگردن جي بحالي لاءِ سندن آواز ايوان ۾ اٿارڻ جو فيصلو ڪيو آهي. قائداعظم يونيورسٽي اسلام آباد مان ريسٽيڪيٽ ڪيل 40 سنڌي شاگردن جي وفد پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيٽرز سسئي پليجو ۽ عاجز ڌامراه سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران شاگردن پنهنجن مسئلن بابت سينيٽرز کي آگاه ڪيو. ان موقعي تي سسئي پليجو ڳالهائيندي چيو ته هو شاگردن جي انهي مسئلي تي سينيٽ ۾ ڪيترا ئي ڀيرا آواز اٿاري چڪي آهي ۽ آئنده به شاگردن جي مسئلي تي اختيارين سان لھه وچڙ ۾  ايندي. شاگردن جي وفد سان ملاقات کانپوءِ پ پ سينيٽرز سسئي پليجو ۽ عاجز ڌامراه سينيٽ چئرمين ميان رضا رباني، وفاقي وزير ۽ قائد اعظم يونيورسٽي جي سينڊيڪيٽ جي ميمبر سينيٽر مشاهدالله خان سان ملاقاتون ڪري شاگردن جي خدشن ۽ مطالبن کان آگاه ڪيو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *