Friday , April 26 2024

فيض گنج ۾ پاڻي چوري ڪرڻ لاءِ پيپلزپارٽي ۽ جي ڊي اي اڳواڻن جو اتحاد

فيض گنج ۾ پاڻي چوري، پيپلزپارٽي ۽ جي ڊي اي اڳواڻ اتحادي بڻيل

فيض گنج (خصوصي رپورٽ سنڌسماءَچار) سنڌ جي ٽن اڳوڻن وڏن وزيرن جي اباڻي ضلعي خيرپور ميرس جي پڇڙي واري تعلقي فيض گنج ۾ پاڻي جي کوٽ لکين ايڪڙ سرسبز زرعي زمين بُٺ بڻجي ويئي، جي ڊي ا ۽ پيپلزپارٽي جا چونڊيل نمائندا ۽ بااثر وڏيرا سري عام پاڻي چوري ڪري پنهنجون زمينون آباد ڪرڻ لڳا، پڇڙي وارن علائقن ۾ جانورن جي پيئڻ لاءِ به پاڻي اڻلڀ بڻجي ويو. سنڌ جي ٻن اڳوڻن چونڊيل وڏن وزيرن سيد غوث علي شاهه، سيد قائم علي شاهه ۽ هڪ نگران وڏي وزير سيد علي مدد شاهه جي اباڻي ضلعي ۾ آبپاشي کاتي ۽ چونڊيل نمائندن جي ملي ڀڳت سان فيض گنج، ۽ ويهو واهه سميت مختلف شاخن جي پڇڙي وارن علائقن ۾ پاڻي جي کوٽ سبب فصل تباهه ٿيڻ لڳا آهن ڪيترن ئي علائقن ۾ جر جو جي پاڻي جي سطح به خطرناڪ حد تائين هيٺ لهي وڃڻ ڪري پيئڻ جي پاڻي جي به اڻاٺ وڌي وئي آهي. متاثر علائقن جي آبادگارن پاران سنڌ سماءَچار کي ٻڌايو ته پاڻي جي کوٽ واهن ۾ ناهي، پر منڍ جا چونڊيل عوامي نمائندا، حڪومت جماعت پيپلزپارٽي، اپوزيشن اتحاد جي ڊي اي جا چونڊيل نمائندا ۽ سندن مِٽ مائٽ ويهو واهه سري عام ونجهيون هڻي پاڻي ڇورائي رهيا آهن ۽ آبپاشي کاتي جا عملدار مڪمل طور تي انهن بااثر ماڻهن جا ڀرجهلا بڻيل آهن.

ان سلسلي ۾ آبپاشي کاتي خيرپور جي جي هڪ عملدار نالو نه لکڻ جي شرط تي سنڌسماءَچار کي ٻڌايو ته ض:عي جي سمورن تعلقن ۾ پاڻي جي چوري معمول بڻجھي ويو آهي، ان ۾ پيپلزپارٽي توڙي جي ڊي اي جا چونڊيل نمائندا، سندن ويجها زميندار ۽ سياسي اثر رسوخ رکندڙ وڏيرا ملوث آهن، پر پاڻي چوري جو جيڪو آزار خيرپور ضلعي جي پڇڙي واري تعلقي فيض گنج ۾ آهي ان جو مثال شايد ئي سنڌ ۾ ڪٿي ملي سگهي. آٻپاشي عملدار اعتراف ڪندي ٻڌايو ته پاڻي چوري ڪرڻ  جي هن عمل ۾ اسان بيوس ۽ لاچار بڻيل آهيون، اسان جا سينئر عملدار ئي ڪجهه نه ٿا ڪڇن ته پوءِ اسانکي به پيٽ لڳل آهي، نانگ ناهيون جو مٽي کائون، خبر سڀ آهي ته پاڻي ڪير ٿو ڇوري ڪري ۽ ڪنهن جي مدد سان. فيض گنج ۾ پاڻي چوري جي حوالي سان سنڌسماءَچار جي خاص نمائندي پاران جڏهن پيپلزپارٽي سان لاڳاپيل هڪ اڳواڻ کان معلوم ڪيو ته ان چيو ته، اسان بيوس بڻيل آهيون، پاڻي چوري ۾ پ پ پ اڳواڻ ۽ جي ڊي اي جو ايم پي اي اتحادي بڻيل آهن، هن ڪاوڙ واري انداز ۾ چيو ته اُهي سياسي اختلافن ۽ سخت مخالف هئڻ جي باوجود هن معاملي تي هڪٻئي تان سِر به قربان ڪري سگهن ٿا، لوڙيون اسان ٿا، پيپلزپارٽي جي عام ڪارڪنن توڙي عام ماڻهن جي هنن تائاين  پهچ ناهي ۽ اُهي اسانکي ئي دانهون ڏين ٿا پر چاهيندي به اسان ڪجهه نه ٿا ڪري سگهون.

سنڌ جي اڳوڻي نگران وڏي وزير سيد علي مدد شاهه، وڏي وزير جي اڳوڻي صلاحڪار ساجد علي ٻانڀڻ، جي ڊي اي جي موجوده ايم پي اي ڊاڪٽر رفيق ٻانڀڻ، پيپلزپارٽي خيرپور ضلعي جي جنرل سيڪريٽري شيراز شوڪت راڄپر، سميت تعلقي جا بااثر سياستدان تعلقي ۾ پاڻي چوري روڪرائڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي ويا آهن. انس سليل ۾ سنڌ سماءَچار جي خصوصي نمائندي کي مليل ڄاڻ مطابق اُهي سمورا سياستدان کوڙ سارن سياسي اختلافن باوجود هن معاملي تي هڪٻئي جا حمايتي ۽ ڪيترن ئي علائقن ۾ پاڻي چوري ڪرڻ ۾ هڪٻئي جا سهولتڪار بڻيل آهن. پيپلزپارٽي جي ئي هڪ جهوني ڪارڪن پارٽي خيرپور ض:عي جي جنرل سيڪريٽري شيراز شوڪت بابت سنڌسماءَچار کي ٻڌايو ته ” پاڻي چوري ٿيڻ جي آزار ۽ تدارڪ نه ٿيڻ سبب ڪيترائي ماڻهو پيپلزپارٽي ڇڏي ويا يا وري ووٽ ناهن ڏيندا، پارٽي جا سينئر ڪارڪن ۽ ايم آر ڊي جي تحريڪ کان وٺي قربانيون ڏيندڙ ڪارڪنن جي به ڪير نه ٿو ٻڌي، پر  جڏهن اليڪشن ٿيندي آهي ته اُهي ساڳيا پاڻي چوري ڪندڙ منٿ ميڙ قافلا وٺي مقامي اڳواڻن توڙي سينئر ڪارڪنن وٽ پهچي ايلاز منٿون ڪندا آهن”.

فيض گنج ۾ پاڻي چوري بابت ڪرونڊي شهر سان واسطو رکندڙ سماجي ڪارڪن سنڌسماءَچار کي کي دلچسپ واقعو ٻڌايو، (جنهن جي تصديق لاءِ لاڳاپيل ماڻهن سان رابطي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جن مان هڪ اطهر لاشاري فون اٽينڊ نه ڪيو، جڏهن ته، شيراز شوڪت، ڊاڪٽر رفيق ٻانڀڻ جا موبائل نمبر پهرين جون ۽ اربع 2 جون تي بند مليا) ”تعلقي جي منڍ جا بااثر سياسي وڏيرا جن ۾ چونڊيل به شامل آهن ته اليڪشنن ۾ هارائيندڙ ۽ اليڪشنز ۾ هارائيندڙ به شامل آهن، اُهي سڀ پاڻي چوري واري ون پوائنٽ ايجنڊا تي اتحادي بڻيل آهن“، هن ٻڌايو ته ” ڊاڪٽر رفيق ٻانڀڻ  کنياري شاخ جي پڇڙي جي آبادگار ۽ اڳوڻي يونين ڪائونسل چيئرمين اطهر حسين لاشاري جيڪو ان وقت ف ليگ ۾ هو، اهو پاڻي جي مسئلي سبب بعد ۾ پارٽي کي الوداع ڪري ويو، ان پاران ايم پي اي جي ڏاڍ تي پاڻي چوري ڪرڻ خلاف پير صاحب پاڳارو، سيد صدر الدين شاهه سميت ٻين اڳواڻن آڏو ڪيترائي ڀيرا دانهيو، جنهن جي نتيجي ۾ ف ليگ جي ڪجهه ايم پي ايز، هڪ سينيٽر ۽ ڪجهه اڳواڻن تي مشتمل ڪميٽي جوڙي وئي هئي ته سرزمين تي وڃي حقيقت معلوم ڪرڻ بعد قيادت کي رپورٽ ڏني وڃي. ڪميٽي پاران وزٽ ڪري شاخ کي زوري زبردستي بند ڪرڻ واري رپورٽ به قيادت وٽ جمع ڪرائي وئي هئي پر ڪو به تدارڪ نه ٿيڻ جي نتيجي ۾ اطهر حسين لاشاري سميت ٻيا ڪيترائي آبادگار به ف ليگ کي الوداع چئي ٻيجهر  واپس پ پ ۾ شامل ٿي ويا. مليل ڄاڻ موجب پ پ ۾ واپس شامل ٿيل اطهر حسين لاشاري ۽ ٻين پڇڙي جي آبادگارن پاران شاخ کولرائڻ جي ڪوشش ڪئي، ان سلسلي گذريل مهيني ڊاڪٽر رفيق ٻانڀڻ کان اليڪشن ۾ هارايل پ پ اڳواڻ ۽ پارٽي ضلعي خيرپور جي جنرل سيڪريٽري شيراز شوڪت راڄپر پاران ايريگيشن عملدارن معرفت شاخ جي غيرقانوني بندش ختم ڪرائڻ لاءِ ڪوششون ورتيون ويون، پر جڏهن آبپاشي کاتي جي انجنئير ۽ ايس ڊي او ايريگيشن عملي سميت شاخ ۾ لڳل هٿرادو دڪي واري هنڌ پهتا ته اتي اڳواٽ موجود هٿياربندن پاران مزاحمت ڪئي ۽ ڊاڪٽر رفيق ٻانڀڻ فون ڪري عملدارن کي چيو ته شايد منٿ ميڙ ڪرڻ تي ڪجهه پاڻي ڏيان ها پر هاڻي هڪ لپ به پاڻي ڪون ڏيندس، جنهن بعد عملدار نااميد ٿي واپس موٽي ويا، فريال ٽالپر جي ويجهو رهندڙ ۽ پيپلزپارٽي جو اڳواڻ شيراز شوڪت راڄپر هٿين  خالي واپس موٽي آيا.

فيض گنج تعلقي ۾ پاڻي جي  چوري واري ڪهاڻي به ڏاڍي دلچسپ آهي، هن صورتحال بابت جڏهن سنڌسماءَچار جي خاص نمائندي معاملي جي  تهه تائين پچڻ جي ڪوشش ڪئي ته ايم پي اي ڊاڪٽر رفيق احمد ٻانڀڻ ڏاڍ ذريعي پاڻي چوري ڪرڻ واري عمل ۾ ملوث هجڻ جا وڌيڪ انڪشاف ٿيا، جي ڊي اي سان لاڳاپيل هڪ سرگرم ڪارڪن ۽ آٻپاشي کاتي فيض گنج جي هڪ عملدار ٻڌايو ته ” ڊاڪٽر رفيق ٻانڀڻ سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ ته پاڻي کوٽ خلاف سنڌ حڪومت مٿان شديد تنقيد ڪندي چوي ٿو ته پ پ جا با اثر ڀوتار آبپاشي کاتي ۾ من پسند عملدار مقرر ڪرائي انهن کي ڪنڊائتو ويهارپاڻي چوري ڪن ٿا جنهن ڪري پوڇڙ جا آبادگار پيڻ جي پاڻي لاءِ به پريشان بڻجي چڪا آهن، ايم پي اي جي سنڌ اسيمبلي ۾ ڪيل اهڙين تقريرن تي واهه واهه به ٿئي ٿي، پر تصوير جو ٻيو پاسو وري ان جي ابتڙ آهي”، ڀلا تصوير جو ٻيو پاسو ڪيئن آهي واري سوال ته هن ٻڌايو ته ” جي ڊي اي جو ايم پي اي، پيرپاڳاري ۽ صدر الدين شاهه جو ويجهو ساٿي ڊاڪٽر رفيق ٻانڀڻ پاڻ به پاڻي چوري ڪندڙڻ ۾ شامل آهي ۽ اها ڳالهه ڪا نئين ناهي پر ڪيترن ئي ڏهاڪن کان اها سندس روايت رهي آهي، هن چيو ته، ڊاڪٽر رفيق ٻانڀڻ جي زمينداري جو وڏو حصو کنياري مائنر تي آهي، جيڪا علي نواز واهه مان نڪري ٿي، پاڻي جي مٿان کان جڏهن به شارٽيج ٿئي ٿي ته ڊاڪٽر رفيق جا ماڻهون کنياري مائنر لڳ علي نواز واهه تي قائم پل واري هنڌ وٽ واهه کي ڇاٻ ڏئي پاڻي جو وڏو حصو کنياري شاخ ۾ ڇوڙ ڪرائي ٿو، جڏهن ته کنياري شاخ ۾ وري پنهنجا واٽر ڪورس جن تي هن جي پنهنجي ۽ سندس خاندان جي پيچ آهي، انهن واٽر ڪورسن کان هيٺ شاخ کي ئي بند ڪري ڇڏي ٿو، جنهن جي نتيجي ۾ ستن کان وڌيڪ واٽر ڪورسن ۾ پاڻي جي ٺِنڀ به نه ٿي وڃي ۽ هزارين ايڪڙ زمين غيرآباد ٿي وئي آهي“.

(نوٽ: هن نيوز اسٽوري جي فائل ٿيڻ ۾ ٻه ڏينهن دير انڪري ٿي جو سنڌسماءَچار جي خاص نمائندي پاران موڪليل معلومات، ايم پي اي ڊاڪٽر رفيق ٻانڀڻ، شيراز شوڪت راڄپر ۽ اطهر لاشاري بابت بابت مليل ڄاڻ لاءِ انهن کان موقف وٺڻ جي ڪوشش ڪئي، پر اطهر لاشاري فون اٽينڊ نه ڪيو، شيراز شوڪت ۽ رفيق ٻانڀڻ جا موبائل فون آف ٽون ملي رهيا هئا. سنڌسماءَچار سندن موقف ضرور ڇاپيندي، جيڪڏهن هُو پنهنجو موقف ڏيڻ چاهين ته-ادارو)

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *