Friday , April 26 2024

فيض گنج ۾ سرڪاري اسپتال جي ڊاڪٽر جي لاپرواهي پورهيت نينگر کان حياتي کسي ورتي

پورهيت نينگر جو تڪڙو علاج نه ٿيو، ڊاڪٽر جي لاپرواهي سندس حياتي کسي: وارث

فيض گنج ( خاص نمائندو    سنڌسماءَچار) رورل هيلٿ سينٽر فيض گنج جي ڊاڪٽر علاج فوڊ پوائزنگ سبب بيهوشي جي حالت ۾ آندل نينگر کي ڪرونا جو شڪ ڄاڻائي علاج کان انڪار پورهيت نينگر شڪيل شر کان حياتي کسي ورتي، گمبٽ اسپتال / گمس جي ڊاڪٽرز به نينگر کي ڪرونا نه هجڻ جي تصديق ڪري ڇڏي. فيض گنج جي ڳوٺ ننگر خان شر واسي 16 ورهين جي پورهيت نينگر شڪيل احمد شر کي فوڊ پوائزننگ سبب سندس وارثن رورل هيلٿ سينٽر فيض گنج ايٽ پڪا چانگ پهچايو جتي ڊيوٽي تي موجود ڊاڪٽر ۽ پيراميڊيڪل اسٽاف اهو چئي نينگر جو چيڪ اپ به نه ڪيو ته کيس ڪرونا آهي، انڪري سندس علاج هتي نه ٿو ٿي سگهي کيس فوري طور تي گمبٽ اسپتال کڻي وڃون، نينگر جي وارثن جو چوڻ آهي ته هنن ڊاڪٽر کي ٻڌايو ته شڪيل احمد انبڙيون کاڌيون جنهن مان کيس فوڊ پوائزننگ ٿي ۽ طبيعت خراب ٿي وئي کيس ڪرونا ناهي ۽ نه ئي کيس اهڙيون ڪي علامتون آهن، پر ڊاڪٽر هڪ به نه ٻڌي. وارثن جو چوڻ آهي ته اسپتال انتظاميا نينگر کي گمبٽ کڻائي وڃڻ لاءِ ايمبولينس ڏيڻ کان کتو جواب ڏيندي کين ڌڪا ڏيندي چيو ته هن کي ڪڍو هتان.

نينگر شڪيل جي ڀاءُ اختر شر موجب، اسپتال انتظاميا ايمبولينس مهيا نه ڪئي ۽ هُو شڪيل احمد کي نجي ڪار ۾ گمبٽ گمس کڻائي  داخل ڪرايو، علاج ۾ دير ٿيڻ سبب سندس جسم ۾ زهريلو مادو ڦھلجڻ سبب موت واقع ٿيو آھي جيڪڏھن ڊاڪٽر بروقت هن کي داخل ڪري علاج ڪن ها ته نينگر بچي وڃي ها. نينگر جي وارثن گمبٽ مان واپسي بعد فيض گنج ٿاڻي آڏو فوتي شڪيل جو لاش رکي احتجاجي مظاهرو ڪري ڊيوٽي تي موجود ڊاڪٽر خلاف ڪيس داخل ڪري ڪارروائي جو مطالبو ڪيو. نينگر شڪيل کي گمبٽ ريفر ڪرڻ بابت ساڳئي اسپتا جي ڊاڪٽر پاران ٻه ليٽر سامهون آيا آهن، جن مان هڪ ليٽر سادي ڪاغذ تي آهي، جنهن  ۾ واضه لکيل آهي ته ڪرونا وارين علامتن ڪا به علامت ناهي ۽ هڪ وري ليٽرپيڊ تي آهي جنهن ۾ واضع ڪري لکيو ويو آهي ته مريض کي ڪرونا جو شڪ آهي. انهن ٻنهي ليٽرز تي به ڊاڪٽر ۽ اسپتال عملي جي اهليت جي خبر پوي ٿي، لڳي  ٿو ته ڊاڪٽر پاڻ بچائڻ لاءِ ڪوششُن پيو ڪري

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *