Friday , March 29 2024

فيض گنج ۾ بدامني جي باهه ڀڙڪي پئي، چاچن ڀائيٽين ۾ جيهڙي 3 ڄڻن جون حياتيون ڳڙڪائي ورتيون

فيض گنج (رپورٽر   سنڌسماءَچار) فيض گنج ۾ بدامني جي باهه ڀڙڪي پئي، ڳوٺ ننڌورو لاشاري ۾ زمين جي ملاڪي واري معاملي تان تڪرار ٽن ڄڻن جون حياتيون ڳڙڪائي ورتيون ۽ 4 ڄڻا ڦٽي ٿي پيا آهن. ڳوٺ ننڌرور لاشاري جي رهواسين جي ٻن ڌرين ۾ زمين جي تڪرار تان لاشاري برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران جوابدارن هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا، فائرنگ جي نتيجي ۾ الهبچايو لاشاري سندس ڀاءُ ڪاشف لاشاري ۽ شاهنواز پٽ جوڳي لاشاري ٿڏي تي مارجي ويا. فائرنگ جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا ساجد، عابد، الهوڌايو لاشاري ۽ وقار لاشاري ڦٽجي پيا. جهيڙي ۾ قتل ٿيلن جا لاش پوسٽ مارٽم لاءِ فيض گنج جي سرڪاري اسپتال آندا ويا. زخمين کي فيض گنج جي سرڪاري اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو. علائقي واسين ۽ ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته ٿڏي تي اطلاج جي باوجود پوليس 3 ڪلاڪ دير سان واقعي واري هنڌ پهتي، جنهن دوران ڌرين وچ ۾ وقفي وقفي سان فائرنگ جو سلسلو جاري رهيو. علائقي واسين موجب  ڌرين وچ ۾ ڪافي عرصي کان 28 ايڪڙن زمين جي معاملي تان تڪرار هلندڙ هو، جهيڙو ڪندڙ پاڻ چاچا ڀائيٽيا آهن.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *