Friday , March 29 2024

فيض گنج پوليس ٺري ميراوهه وڃي نواجوان کي شڪي مقابلي ۾ ماري ڇڏيو،ايس ايس پي شبير سيٺار به مقابلو قرار ڏنو

فيض گنج / سيٺارجا ( رپورٽرز     سنڌسماءَچار) فيض گنج ٿاڻي جي ايس ايڇ او شمس ابڙو ٻئي تعلقي ٺري ميراهه تعلقي جي بوزدار وڏا ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺاڻي عبدالفتاح عرف فتو شر کي مبينا جڙتو مقابلي ۾ ماري ڇڏيو، علائقي واسين جو چوڻ آهي ته 13 مارچ ڏهاڙي بوزدار وڏا جي آس پاس ۾ ڪو به پوليس مقابلو يا پوليس جي ڪا ٻي ڪارروائي ٿي ئي ناهي. فيض گنج ٿاڻي جي ايس ايڇ او شمس ابڙو پنهنجي ئي ٻن ڌار ڌار بيانن ۾ پنهنجي ئي موقف ۾ ڏيندي ڪيل پوليس مقابلي کي شڪي بڻائي ڇڏيو آهي.

پوليس موجب قتل ڪيس ۾ گهربل روپوش ڏوهاري عبدالفتاح عرف فتو شر جي بوزدار وڏا لڳ ڳوٺ مَٽَ شر ۾ ڏوهاري عبدالفتاح عرف فتو شر جي موجودگي جي اطلاع تي ڪارروائي ڪئي وئي، جتي جوابي ڪارروائي ۾ ڏوهاري مارجي ويو. ان کان پهريان ايس ايڇ او فيض گنج شمس ابڙو مقابلي بابت صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته پوليس ڪارروائي دوران ڏوهاري کين اهيو چيو ته مان گرفتاري نه ڏيندس جنهن بعد هن پاڻ مٿان پسٽل جا فائر ڪري  پاڻ کي ماري ڇڏيو. جڏهن ته پوسٽ مارٽم دوران مقتول کي لڳل گولي پسٽل جي نه هجڻ جي تصديق ٿيڻ تي پوليس پنهنجو پهريون موقف ئي تبديل ڪري ڇڏيو. مقتول جي امڙ ۽ گهر ڀاتين الزام مڙهيندي چيو ته پوليس اسان جي نوجوان کي بااثرن جي چوڻ تي قتل ڪيو آهي. وارثن  چيف جسٽس آف پاڪستان کي اپيل ڪئي آهي تي معاملي جو نوٽيس وٺي ملوث پوليس اهڪارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *