Saturday , April 20 2024

فيض گنج: يو سي اڪري چودڳي جي ڪائونسلرن جو چيئرمين خلاف احتجاج

فيض گنج ۾ يونين ڪائونسل اڪري چودڳي جي ٻن ڪائونسلرن دانهيو آهي ته چيئرمين شهر ۾ آفيس قائم ڪرڻ بدران بنگلي کي آفيس ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته ڏيڍ سال اندر هڪ به ڪم ٿيڻ بدران الائي ڪهڙي مد ۾ 11 مهينن جي 22 لک بجيٽ استعمال ٿي چڪي آهي، فيض گنج ۾ يونين ڪائونسل اڪري چودڳي جي ڪائونسلر شاهنواز شر ۽ نياز سانگي پريس ڪلب پهچي دانهيو آهي ته سندن پيپلزپارٽي سان تعلق آهي، جڏهن ته پيپلزپارٽي جي ٽڪيٽ تي چونڊيل چيئرمين جاويد فقير هيسباڻي ڏيڍ سال کان گم آهي، نه اجلاس گهرايو ويو آهي، نه ئي ڪو ترقياتي ڪم ڪرايو ويو آهي، هنن چيو ته 11 مهينن جي 22 لک بجيٽ نلڪن ۽ ٻي الائي ڪهڙي مد ۾ ڪرپشن ڪري عوام جو پئسو غلط استعمال ڪيو ويو آهي، اڪري شهري ۾ صفائي عملو نه هجڻ ڪري شهر گندگي جي هيٺ آهي، جڏهن ته چيئرمين سرڪاري سطح تي آفيس قائم ڪرڻ بدران پنهنجي بنگلي کي آفيس ڪري ڇڏي آهي، هنن چيو ته يونين ۾ برٿ سرٽيفيڪيٽ سميت ٻين لاڳاپيل ڪمن لاءِ ايندڙ ڳوٺاڻا دربدر آهن، چيئرمين جاويد فقير هيسباڻي پنهنجي يوسي ۾ ويهڻ بدران خوش خيرمحمد يوسي ۾ ويٺو آهي، آفيس نه هجڻ ڪري عوام پريشان آهي، هنن پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، مڪاني کاتن جي اختيارين کان گهر ڪئي ته چيئرمين جي ڪيل ڪرپشن جي جانچ ڪري ڪارروائي ڪندي سرڪاري سطح تي يوسي آفيس قائم ڪري عوام جي پئسي کي واپس ڪرائي انصاف ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ جو ڪائونسلرشپ تان استيعفي ڏيندا.

About Asghar Azad

Check Also

خيرپور جي ڪچي مان شاگرد جو تشدد ٿيل لاش هٿ

خيرپور (خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) ڪنگري تعلقي جي ڳوٺ مگرجي واسي شاگرد جو ڪچي واري علائقي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *