Friday , March 29 2024

فيض گنج مان ماڪڙ جو آزار ختم نه ٿيو، آبادگارن جا مٿن تي هٿ

چونڊيل نمائندا توڙي هارايل اميدوار اليڪشن ۾ واعدا ڪري ووٽ وٺڻ کانپوءِ ڳوليا ناهن لڀندا: فيض گنج جا هاري

فيض گنج (رپورٽ: ضياءَ آرائين   سنڌسماءَچار) سڄي سنڌ جيان فيض گنج ۾ به ماڪڙ جو آزار ختم نه ٿيو، ماڪڙ فصل ۽ ڀڄايون کائي ناس ڪري ڇڏيون، هارفين ۽ آبادگارن جا مٿي تي هٿ اچي ويا آهن، هارفين جو چوڻ آهي ته وفاقي توڙي سنڌ حڪومت هيل تائين ٻيا مسئلا ته ناهن ڪيا پر ماڪڙ جي عذاب مان به جند ڇڏائڻ لاءِ ڪي قدم ناهن کنيا. فيض گنج تعلقي جي ڳوٺ ننگر خان شر، بلوچ خان شر، ڪوٽ لالو، بگھڙ پل، لوٺي، امن، صالح شر سميت ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ماڪڙ جا ڪٽڪ لٿل آهن، ماڪڙ فصل ۽ ڀاڄيون کائي چٽ ڪري ڇڏيون آهن، جنهن جي نتيجي ۾ آبادگار خاص طور تي ننڍن کاتيدارن ۽ هارين جا مٿي تي اچي ويا آهن. متاثرن جو چوڻ آهي سندن علائقن مان چونڊيل ايم اين اي توڙي ايم پي ايز سندن ڪا به سار ناهن لهندا، ڪيترن ئي ڏهاڪن کان علائقي جا سمورا مسئلا جيئن جو گتيئن آهن، هنن چيو ته چونڊيل نمائندا توڙي هاريل اميدوار صرف اليڪشن ۾ واعدا ڪري ووٽ وٺڻ ايندا آهن. وفاقي سرڪار توڙي سنڌ حڪومت ماڪڙ جي خاتم لاءِ ڪو به قدم ناهي کنيو، ماڪڙ فصل کائي ناس ڪري ڇڏيا آهن هاڻي ته ان ڳڻتي ۾ آهيون ته پيٽ گذر ڪيئن ڪنداسين. ٻئي پاسي هارين، سندن معصوم ٻارڙڻ ٿالهه وڄائي ماڪڙ ڀڄائڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آهن.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *