Tuesday , March 19 2024

فيض گنج: سڱاوتي تڪرار تان بي رحم ڀاءُ جو ڀيڻ تي تشدد

فيض گنج ۾ سڱاوتي تڪرار تان ڀاءُ پاران ڀيڻ کي تشدد جو نشانو بڻائڻ خلاف وارثن احتجاجي مظاهرو ڪيو آهي. ڳوٺ علي مراد خاصخيلي جي رهواسين ضمير خاصخيلي، مانجهي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو. احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته سڱاوتي تڪرار تان جوابدار غلام مصطفي پنهنجي ڀيڻ پروين جي گهر ۾ داخل ٿي کيس سخت تشدد جو نشانو بڻايو. ان موقعي تي ناري پروين چيو ته سندس ڀاءُ زور ڀريو ته مان پنهنجي مڙس کان طلاق وٺان، جڏهن ته انڪار ڪرڻ تي هن سخت تشدد ڪري زخمي ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته کيس ٽن نياڻين جي اولاد آهي، پنهنجي مڙس جو گهر ڇڏي نٿي سگهان، جڏهن ته ڀاءُ زبردستي طلاق ڏيارڻ چاهي ٿو. احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته ڀيڻ تي تشدد ڪندڙ جوابدار خلاف ڪارروائي ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *