Friday , March 29 2024

فيض گنج: اين اي 216 ۽ پي ايس 31 تان چونڊجڻ بعد گم ٿي ويل نمائندا ساڍن چئن سالن کانپوءِ ظاهر ٿيڻ لڳا

Sajid Banbhan01Rafiq BanbhanSadarudin shah 01

خيرپور ضلعي جي فيض گنج تعلقي جي قومي اسيمبلي  جي تڪ اين اي 216 ۽ صوبائي تڪ پي ايس 31 تان 2013 جي چونڊن ۾ چونڊجي آيل فنڪشنل مسلم ليگ جو ايم اين اي ۽ وفاقي وزير اوورسيز پاڪستانيز سيد صدرالدين شاهه راشدي ۽ ايم پي اي رفيق ٻانڀڻ ساڍن چئن سالن دوران تڪ جي عوام ڏانهن ڪنڌ ورائي به نه ڏٺو. پ پ جي ٽڪيٽ هولڊرز به حڪومت هوندي به تڪ جي عوام لاءِ خاطر خواه ترقياتي ڪم نه ڪرائي سگهيا آهن. علائقي واسين جو چوڻ آهي ته هر ڀيري ترقياتي ڪم ڪرائي ڏيڻ، نوڪرين جا وعدا ڪري ووٽ وٺڻ بعد گم ٿي ويا آهن.

Faiz Gang Pic 02

ٽن اڳوڻن وڏن وزيرن سيد غوث علي شاهه، سيد قائم علي شاهه ۽ هڪ نگران وڏي وزير سيد علي مدد شاهه جي اباڻي ضلعي خيرپور جو تعلقو فيض گنج ڪيترن ئي ڏهاڪن کان لاوارث بڻيل آهي.علائقي جي پڇڙي وارن علائقن ۾ زرعي پاڻي جي کوٽ، پيئڻ جي صاف پاڻي، شهرن ۽ ڳوٺن ۾ گندي پاڻي جي نيڪال جو نظام نه هجڻ سميت بنيادي مسئلن جي ور چڙهيل تعلقي فيض گنج جو عوام چونڊيل عوامي نمائندن مان آسرو پلي ڇڏيو آهي.

فيض گنج  تعلقي مان ڪامياب ٿيل فنڪشنل ليگ جو ايم اين اي ۽ اوورسيز پاڪستانيز واري وزارت جو مملڪتي وزير سيد صدرالدين شاهه راشدي ۽ ف ليگ جو ايم پي اي ڊاڪٽر رفيق ٻانڀڻ تڪ جي عوام پاران پاڻي جي کوٽ، گئس مهيا ڪري ڏيڻ سميت ٻين عوامي مي مسئلن لاءِ ٿيندڙ ڪنهن به احتجاج ۾ شامل ته نه ٿيا پر انهن ڪڏهن به اهڙين احتجاجي تحريڪن جي سکڻي حمايت به نه ڪئي.

Faiz Gang Pic 01Qaim Ali ShahGhous Ali Shah

فيض گنج جو مک عوامي مسئلو ٻارڙن واري گئس جو نه هجڻ آهي تعلقي جي هيڊڪوارٽر شهر پڪاچانگ سميت ننڍا وڏا ڳوٺ گئس جي سهولت کانن محروم آهن. گئس جي سهولت ڏيڻ لاءِ مختلف سياسي سماجي تنظيمن پاران احتجاجي تحريڪ هلائي لاڳيتو 113 ڏينهن علامتي بک هڙتال به ڪئي. احتجاجي تحريڪ هلانيدڙ سماجي ڪارڪنن ڪامريڊ غلام مرتضيٰ شر، عبدالباقي شر ۽ ٻين سنڌسماءَچار سان پنهن سور ونڊيندي ڪجھ هن ريت بيان ڪيو. ” اُهي ڏينهن 1983 کان 1988 جي آخري ڏينهن جا هوندا هئا، جڏهن علائقي جي ڪنهن به عوامي مسئلن لاءِ ترقي پسند لڏي جي سياسي پارٽين جا ڪارڪن عوامي مسئلن لاءِ احتجاج ڪندا هئا ته تڪ جا چڱا ڀلا بااثر ماڻهو به عوامي احتجاج آڏو گوڏا کوڙيندا هئا ۽ انتظاميا ته اصل وئون ويندي هئي، هاڻي عوامي مسئلن لاءِ مسلسل احتجاج ڪيو ته، عوام به جهڙوڪر لاتعلق بڻيل هو، رڳو گهر ويٺي دانهون ڪرڻ سان ڪجھ نه ٿيندو ماڻهن کي رستن تي نڪري مسئلا حل نه ڪدڙ ڪامورن ۽ چونڊيل نمائندن جو گهيراءُ ڪرڻو پوندو“.

Faiz Gang Pic 01Faiz Gang Pic 05

ٻي طرف 2013 جي عام چونڊن ۾ قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 216 تان چونڊيل فنڪشنل ليگ جو سيد صدرالدين شاهه راشدي ساڍن چئن سالن دوران هڪ ڀيرو به تڪ جو نه ته دورو ڪيو ۽ نه ئي وري ڪڏهن قومي اسيمبليءَ ۾ تڪ جي ماڻهن جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ هڪ لفظ به ڳالهايو. علائقي واسين جو چوڻ آهي ته، ”قبلا سائين صدرالدين شاهه بادشاهه صحت، پاڻي، بجلي، گئس، روڊ رستن سميت بنيادي سهولتن ڏيارڻ لاءِ قومي اسيمبلي ۾ خاموش احتجاج ڪندي چپ جو روضو رکيو آهي. جڏهن تڪ جا ڪي ماڻهو ساڻس ڪراچي يا پيرڳوٺ بنگلي تي ملڻ وڃن ٿا ته کين انتظار ڪرائي آخر ۾ چيو وڃي ٿو هاڻي سڀاڻي اچجو، ڇو ته صاحب ته بنگلي جي مخصوص دروازي کان نڪتو هليو ٿو وڃي“.

پي ايس 31 جو عوام پنهنجي ئي چونڊيل ايم پي اي فنڪشنل ليگ اڳواڻ ڊاڪٽر رفيق ٻانڀڻ لاءِ علائقي واسي چون ٿا ته هاڻي اسان کي اميد ٿي آهي ته پنهنجي چونڊيل ايم پي جو ديدار نصيب ٿيندو ڇو ته عام چونڊون ويجهيون اچي پهتيون آهن.

Faiz Gang Pic 03تڪ جي عوام جي مسئلن پاڻي کوٽ، گئس جي سهولت ڏيارڻ سميت ٻين مسئلن لاءِ جاکوڙيند سياسي سماجي تنظيمن جا اڳواڻ چون ٿا ته جڏهن گئس جي سهولت حاصل ڪرڻ لاءِ 113 ڏينهن احتجاج ڪيو ۽ علامتي بک هڙتال ڪئي ته اين اي 216 تان چونڊيل صدرالدين شاهه، ساڳئي تڪ تي پ پ جو ٽڪيٽ هولڊر ساجد ٻانڀڻ سميت پ پ جو به ڪو مقامي اڳواڻ به وٽن لنگهي نه آيو. هاڻي اليڪشن ۾ کائن پڇاڻو ضرور ڪنداسين پوءِ جواب ڏين يا نه ڏين اها سندن مرضي“.

علائقي واسين جو چوڻ آهي ته فيض گنج جي مخصوص علائقن جن ۾ صوبائي ميمبر ڊاڪٽر رفيق ٻانڀڻ جو ڳوٺ، پيپزپارٽي اڳوڻي صوبائي صلاحڪار ساجد ٻانڀڻ ۽ بخت علي هيسباڻي جي ڳوٺن ۾ بجلي جي سهولت ڏئي 5 لک جي آبادي کي گئس جي بنيادي سهولت کان محروم رکيو ويو. گذريل 8 سالن کان مسلسل فيض گنج جي پڇڙين جا آبادگار مسلسل احتجاج ڪري رهيا آهن، انهن جي دانهن ٻڌڻ لاءِ به صدرالدين شاهه راشدي نه پهتو، جڏهن ته گذريل مهيني لڳاتار احتجاج بعد ڊاڪٽر رفيق ٻانڀڻ آبادگارن جي ڌرڻي ۾ پهتو ته آبادگارن سندس ۽ سندن قيادت مٿان سخت تنقيد ڪئي وئي، صدرالدين شاهه راشدي پيپلزپارتي جي پهرين دور ۾ ايم اين چونڊجڻ بعد هڪ ڏينهن به فيض گنج نه آيو، ڪٿي به هن عوامي گڏجاڻي نه ڪئي، ساڳي صورتحال به رفيق ٻانڀڻ جي رهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *