Friday , April 19 2024

فوتي شخص جي بئنڪ اڪائونٽس ۾ ساڍا 4 ارب رپين جي ڏيتي ليتي جو انڪشاف

ڪراچي(رپورٽر    سنڌسماءَچار) ڪراچي ۾ هڪ مئل ماڻهوءَ جي نالي تي 4 جعلي بينڪ اڪائونٽس ٺهيل هئڻ جو انڪشاف، ادارن پاران اقبال آرائين جي نالي تي اڪائونٽس ۾ 4 ارب 60 ڪروڙ رپيا منتقل ٿيڻ جي جاچ شروع ٿيڻ تي خبر پئي ته اقبال آرائين 4 سال اڳ فوت ٿي چڪو آهي. ڪوڙن بينڪ کاتن ۽ انهن ذريعي اربين رپين جي ڏيتي ليتي جي معاملن ۾ تيزي اچي وئي آهي، فالُودي ۽ رڪشا واري کانپوءِ هڪ فوتي شخص جي نالي تي ٺهيل بينڪ اڪائونٽ ۾ اربين رپين جي غيرقانوني منتقلي جو انڪشاف ٿيو آهي. ڪراچي ۾ جاچ ادارن هڪ فوتي شخص اقبال آرائين جي نالي تي ٺهيل بينڪ اڪائونٽ ۾ اربين رپين جي منتقلي جو انڪشاف ڪيو. ذريعن جو چوڻ آهي ته جاچ ادارن مئي 2014 ۾ فوت ٿيل اقبال آرائين نالي هڪ شخص جي بينڪ اڪائونٽ ۾ اربين رپين جي غيرقانوني منتقلي جو پتو لڳايو. ذريعن موجب فوتي اقبال آرائين جي اڪائونٽ ۾ مجموعي طور 4 ارب 60 ڪروڙ رپين جي منتقلي ٿي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته محمد اقبال جي آرائين جي نالي تي 4 بينڪ اڪائونٽ کوليا ويا، جن ۾ مختلف بينڪ اڪائونٽس مان غيرقانوني طور پئسن جي منتقلي ٿي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *