Wednesday , April 24 2024

فضل الرحمان ٻڌائي ته ڪهڙي اداري جي ڳالهه پيو ڪري: ڊي جي آءِ ايس پي آر

پاڪ فوجي قومي ۽ غيرجانبدار ادارو آهي، فضل الرحمان ٻڌائي ته ڪهڙي اداري جي ڳالهه پيو ڪري: ڊي جي آءِ ايس پي آر

ڪراچي (سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪ فوج جي ترجمان چيو آهي ته مولانا فضل الرحمان ٻڌائي ته هن ڪهڙي اداري جي ڳالهه ڪئي آهي، فوج غير جانبدار ادارو آهي، رستن تي اچي الزام تراشي نه ٿيڻ گهرجي، ملڪ جو استحڪام ڪنهن به صورت ۾ خراب ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين. نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور چيو ته فضل الرحمان سينيئر سياستدان آهي، ٻڌائي ته ڪهڙي اداري جي ڳالهه ڪري رهيو آهي. هن چيو ته، فوج اليڪشن ۾ آئيني ۽ قانوني ذميواري پوري ڪئي. فوج غير جانبدار ادارو آهي، فوج جي سپورٽ جمهوري طور جونڊيل حڪومت سان هوندي آهي. هن چيو ته رستن تي اچي الزام تراشي نه ٿيڻ گهرجي، اپوزيشن پنهنجا خدشا لاڳاپيل ادارن ۾ کڻي وڃي، جمهوري مسئلا جمهوري طريقي سان حل ٿيڻ گهرجن. پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته، پاڪستان 20 سالن دوران ڏکيو وقت گذاريو آهي، پاڪستاني قوم ۽ فوج دهشتگردي جو مقابلو ڪيو آهي، جانين جون قربانيون ڏئي ملڪ ۾ امن قائم ڪيو آهي. نجي ٽي چئنل سان ڳالهائيندي پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل آصف غفور چيو ته ڏڦيڙ ملڪ جي مفاد ۾ ناهي ۽ ڪنهن کي به ڪنهن به صورت ۾ ملڪي استحڪام خراب ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *