Saturday , April 20 2024

”فضل الرحمان مُلو ناهي ۽ منهنجو دوست آهي“ : اعتزاز احسن

اسلام آباد( رپورٽر سنڌسماءَچار) صدارتي اميدوار ۽ پيپلز پارٽي جي سينئر اڳواڻ اعتزاز احسن چيو آهي ته، پرويز رشيد پڙهيل لکيل ۽ ترقي پسند سوچ رکندڙ سياستدان آهي، ان لاءِ ڪالهه به عزت هئي ۽ رهندي، پر هن جيڪي منهنجي لاءِ جملا چيا اُهي جاگيرداراڻي سوچ جي عڪاسي ڪن ٿا، پر لڳي ٿو ان جي پٺيان ڪنهن ٻئي جي سوچ آهي. اسلام آباد ۾ صدارتي اميدوار طور ڪاغذن جي ڇنڊ ڇاڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي اعتزاز احسن چيو ته، مخالف ڌر وارن اسان کان صدارتي اميدوار لاءِ  مونکاسواءِ 3 نالا گهريا ۽ چيو ته انهن مان طئه ڪنداسين. فضل الرحمان چيو ته پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري مخالف ڌر جي اهڙي موقف تي سڌو ۽ چٽو جواب ڏيندي چيو آهي ته ، ” اعتزاز – اعتزاز ۽ اعتزاز“ جنهن بعد ڳالهه ختم ٿي وڃي ٿي. بئريسٽر اعتزاز احسن چيو ته، بلاول سميت پارٽي کيس جيڪا عزت ڏني آهي هُو به ان اعتماد تي پورو لهندو ۽ پارٽي جي هر فيصلي کي لبيڪ ڪندو. ان موقعي تي صحافين پاران مولانا فضل الرحمان بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ اعتزاز احسن چيو ته، فضل الرحمان پراڻو پارليامينٽيرين آهي، منهنجو دوست ۽ ساڻس سٺا واسطا به آهن. هن چيو ته مولانا فضل الرحمان مُلو ناهي.

اعتزاز احسن چيو ته کيس سڀني پارٽين مان ووٽ ملڻ جي اميد آهي اهو ضمير جو ووٽ آهي ۽ سيڪرٽ بيلٽ ضمير جو ووٽ هوندو آهي. اعتزاز احسن جو چوڻ هو ته آرٽيڪل 63 اي اسمبلي ميمبرن کي پارٽي جي حق ۾ ووٽ ڏيڻ جو پابند ڪري ٿو ۽ هي انصاف جو وقت آهي، پي ٽي آءِ اميدوارن جي وچ ۾ پڻ انصاف ڪرڻو آهي. صدارت لاءِ موزون ڪير آهي ان جو فيصلو ووٽر کي ڪرڻو آهي اميد آهي ته پي ٽي آءِ جا ڪيترائي ميمبر مونکي ووٽ ڏيندا.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *