Friday , April 26 2024

فريال ٽالپر جا حڪم ڪم ڪري ويا، سنڌ جي 8 يونيورسٽيز جي رٽائرڊ وي سيز جي مدي ۾ واڌ

سنڌ سرڪار پاران 8 يونيورسٽيز جا نوان وي سي مقرر ڪرڻ بدران رٽائرڊ وي سيز جي مدي ۾ واڌ

هر دور ۾ حڪمرانن جو لاڏلو رهندڙ محمد علي شيخ  سنڌ مدرسه يونيورسٽي جو ٻيهر وي سي ٿي ويو

ڪراچي(رپورٽ: اصغر آزاد   سنڌسماءَچار) سنڌ ڪابينا فريال ٽالپر جي خواهش آڏو مجبور، سنڌ جي 8 يونيورسٽيز جا نوان وائيس چانسلرز مقرر ڪرڻ بدران اڳوڻن وي سيز جي مقرري واري مدي ۾ واڌ ڪري کين ٻيهر مقرر ڪيو ويو آهي، وڏي وزير جي صلاحڪار نثار کهڙو ب ه اهم ڪردار ادا ڪيو، سنڌسماءَچار کي مليل ڄاڻ مطابق پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي پڦي ۽ آصف زرداري جي ڀيڻ فريال ٽالپر نوان وي سيز مقرر ڪرڻ رڪاوٽ بڻيل هئي ۽ ان جي ئي خواهش تي وي سيز جي مدي ۾ واڌ ڪئي وئي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته گذريل ڪيترن ئي مهينن کان  سنڌ جي 8 يونيورسٽيز جي رٽائر ٿيندڙ وائيس چانسلرز جي مقررين لاءِ قانوني گهرجون پوريون ڪرڻيون هيون محمد علي شيخ سنڌ مدرسه يونيورسٽي جو وري وائيس چانسلر مقرر ڪيو ويو آهي.

سنڌ حڪومت پاران سنڌ جي 8 يونويرسٽيز ۾ نوان وائيس چانسلرز مقرر ڪرڻ بدران رٽائرڊ وي سيز جي مدي ۾ واڌ لاءِ فريال ٽالپر ۽ وڏي وزير وچ ۾ وڏي وزير جي يونيورسٽيز اينڊ بورڊز ۽ ورڪس اينڊ ڪميونيڪيشن بابت صلاحڪار نثار کهڙو ادا ڪيو. ذريعن کان مليل ڄاڻ مطابق يونيورسٽيز جي 8 وي سيز جي مدي ۾ واڌ واري معاملي تي وڏي وزير مراد علي شاهه هڪڙو ڀيرو انڪار ڪيو هو، جنهن بعد فريال ٽالپر، نثار کهڙو ۽ بلاول هائوس جي هڪ اهم شخص(اهو آصف زرداري ناهي) جي ڌار ڌار ملاقاتن دوران مراد علي شاهه معاملي تي خاموشي اختيار ڪري ڇڏي ۽ وي سيز جي مدي ۾ واڌ لاءِ معاملي کي حتمي شڪل ڏني وئي ۽ سنڌ ڪابينا کان منظوري ورتي وئي.

سنڌ ڪابينا جن يونيورسٽيز ۽ انهن جي رٽائرڊ وي سيز جي مدي ۾ واڌ ڪئي وئي آهي انهن ۾ مهراڻ يونيورسٽي آف ٽيڪنالوجي ڄامشورو جو وائيس چانسلر محمد اسلم عقيلي، آءِ بي اي سکر جي نثار صديقي، جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي جو وائيس چانسلر طارق رفيع، اين اِي ڊي يونيورسٽي آف انجنيئرنگ انيڊ ٽيڪنالوجي جو وي سي ڊاڪٽر سروش حشمت لوڌي، دائود انجنيئرنگ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر فضل الله عباسي، ڊاڪٽر بيکارام وي سي لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ڄامشورو، جي ڊاڪٽر بيکا رام، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي وائيس چانسلر سيد پروين شاهه، بينظير يونيورسٽي خيرپور جي وي سي ڊاڪٽر مدد علي شامل آهي.

سنڌ ڪابينا جي ساڳئي اجلاس ۾ ۾ سنڌ يونيورسٽي جي ميرپور خاص ڪئمپس کي مڪمل يونيورسٽي جو درجو ڏنو ويو. ڪابينا اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته ميرپور خاص ڪئمپس 2009ع ۾ قائم ڪيو ويو هو، جنهن ۾ بيچلر ۽ ماسٽر پروگرام جون ڊگريون ڏنيون ويون هيون، ان يونيورسٽي ڪئمپس ۾ هڪ هزار شاگرد داخل ٿيل آهن، وڏي وزير تجويز رکي ته ميرپور خاص ڊويزن ۾ ڪا به يونيورسٽي ناهي ان ڪري ڄاڻايل ڪئمپس کي مڪمل يونيورسٽي جو درجو ڏنو وڃي. اهڙي تجويز جي ڪابينا منظوري ڏني ۽ يونيورسٽي جي قيام لاءِ قانوني ڊرافٽ جي به منظوري ڏني وئي. ان يونيورسٽي ۾ ميرپور خاص، ٿرپارڪر ۽ عمرڪوٽ ضلعن جا شاگرد فائدو حاصل ڪري سگھندا. ڪابينا اجلاس ۾ شيخ اياز يونيورسٽي شڪارپور جي حدن جي به منظوري ڏني وئي. لاڙڪاڻي ڊويزن سان تعلق رکندڙ سمورا ڊگري ڪاليج هاڻي خيرپور بدران شيخ اياز يونيورسٽي سان الحاق ۾ هوندا، گڏوگڏ لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ جيڪي به ڊگري ڪاليج توڙي لا ڪاليج آهن اهي به شيخ اياز يونيورسٽي سان سلهاڙيل هوندا، جڏهن ته سکر ڊويزن سان تعلق رکندڙ ڊگري ڪاليج توڙي لا ڪاليج شاھ لطيف يونيورسٽي خيرپور سان ئي ڳنڍيل رهندا.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *