Thursday , March 28 2024

فريال ٽالپر اديالا جيل، منتقلي وقت نيب تي ڏمرجي پئي، بلاول جو رد عمل نه آيو

فريال ٽالپر اسپتال کان جيل منتقل، پ پ چيئرمين بلاول، وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ پ پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙو ڪو به ردعمل ظاهر نه ڪيو

اسلام آباد( خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) ڪرپشن الزامن هيٺ گرفتار ٿيل ايم پي اي فريال ٽالپر کي پولي ڪلينڪ کان اڊيالا جيل منتقل ڪيو ويو آهي، جيل منتقلي وقت فريال ٽالپر نيب ٽيم تي ڏمرجي پئي، سندس چوڻ هو ته هي سڀ ظلم آهي، قانون جي خلاف آهي. نيب ٽيم جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس ۾ گرفتار ڪيل اڳوڻي صدر آصف زرداري جي ڀيڻ ۽ ايم پي اي فريال ٽالپر کي پوليس ڪلينڪ اسلام آباد مان اڊيالا جيل منتقل ڪري ڇڏيو آهي. نيب ٽيم جيئن ئي پولي ڪلينڪ پهتي ته پ پ جا ڪجهه ڪارڪن به اتي پهچي ويا، جن نعريبازي جي ڪوشش ڪئي ته سيڪيورٽي ٽيم کين روڪي ورتو.  فريال ٽالپر کي جيئن ئي نيب ٽيم عورت اهلڪارن سان گڏ پنهنجي تحويل ۾ وٺي وڃي رهي هئي ته فريال ٽالپر جيڪا بيماري جو جواز ڄاڻائي پولي ڪلينڪ ۾ داخل ڪرايو ويو هو اها تيز تيز قدمن سان هلندي مٿن ڏمرجي پئي ۽ وڏي آواز سان انهن چيو ته، ” هي آهي مديني جي رياست، هنن جون پنهنجون مائرون ۽ ڀينرون نه آهن، هي ظالم آهن ظلم ڪري رهيا آحن، اسپتال مان جيل منتقل ڪري قنون جي خلاف ورزي ڪئي پئي وڃي“. ٻئي پاسي فريال ٽالپر جي اسپتال کان جيل منتقلي کي ڪيترائي ڪلاڪ گذري وڃڻ جي باوجود ڪو به ٽويٽ بيان جاري ناهي ٿيو، پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، پيپلزپارٽي سنڌ جي صدر آصف زرداري سميت ڪنهن به پارٽي اڳواڻ (هي خبر اپلوڊ ٿيڻ تائين رات پوڻين ٽي وڳي تائين) اڃا تائين ڪو به ردعمل ظاهر ناهي ڪيو ويو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *