Friday , March 29 2024

فتح پور ۾ سيد چيزل شاهه جي درگاهه تي صوفياڻي راڳ جي محفل ۾ بم ڌماڪو، آپگهاتي ڌماڪي ۾ 20 زائرين شهيد

فتح پور شريف( سنڌ سماءَ چار نيوز) بلوچستان جي فتح پور شريف شهر ۾ صوفي بزرگ سيد چيزل شاهه جي درگاهه ۾ مبينا آپگهاتي ڌماڪي ۾5 پوليس اهلڪارن سمميت 20 زائرين شهيد ۽ 28 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن، زخمين مان ڪيترن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. جهل مگسي ضلعي انتظاميا جو چوڻ آهي ته پوليس اهلڪار هڪ شڪي شخص کي مزار اندر داخل ٿيڻ کان روڪيو ته ان پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو. 20 زخمين کي جيڪب آباد، شهداد ڪوٽ ۽ لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جتي سندن علاج هلندڙ آهي.

سيد چيزل شاهه جي درگاهه تي 15 هين جي تقريب ۾ صوفياڻي راڳ جي محفل هلندڙ هئي ته ان دوران زوردار ڌماڪو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ 18 ڄڻا ٿڏي تي شهيد ٿي ويا. ڌماڪي جي نتيجي ۾ 30 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي ويا، جن مان اڪثر جي حالت ڳڻتي جوڳي هئي. پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته ڌماڪو صوفياڻي راڳ جي مک محفل ڀرسان ٿيو. ضلعي انتظاميا جو چوڻ آهي ته، ڌماڪو ان وقت ٿيو جڏهن هڪ شڪي شخص مزار جي اندر وڃڻ جي ڪوشش ڪئي ته هڪ پوليس اهلڪار کيس روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، ان دوران ئي ان شخص پاڻ کي ڌماڪي سان ڏائي ڇڏيو.

ڌماڪي ۾ شهيد ٿيلن ۾ لکمير رند، محمد رمضان مگسي، سوڍل فقير، حسين بخش، شاهد، گلاب خان، نياز محمد، درگاهي، مهرعلي، نصير، فيض الله، بهادر خان ۽ سليم دايو، دل مراد، جان  محمد، غلام سرور، علي گل،من دوست، بحرام ۽ ٻيا شامل آهن.

سيد چيزل شاهه جي درگاهه ۾ ٿيل ڌماڪي سبب زخمي ٿيلن ۾ نثار احمد، ڪمال خان، حسين بخش، دائود خان، اي ايس آءِ عبدالڪريم ۽ ٻيا شامل آهن. ڌماڪي بعد سيڪيورٽي فورسز واقعي واري هنڌ پهچي علائقي کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو ۽ ماڻهن جي اچ وڃ بند ڪري ڇڏي. امدادي ٽيمن شهيد ٿيلن جا لاش ۽ زخمين کي سول اسپتال گنداواهه منتقل ڪيو، جتي ڪيترن ئي زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. ڊپٽي ڪمشنر جهل مگسي اسد الله ڪاڪڙ ڌماڪي ۾ 20 ماڻهن جي شهيد ۽ 20 کان وڌيڪ ماڻهن جي زخمي ٿيڻ جي تصديق ڪندي چيو آهي ته ڌماڪو آپگهاتي لڳي رهيو آهي. ڊپٽي ڪمشنر موجب هڪ شخص درگاهه جي مين گيٽ وٽ پهتو، جنهن جي سڪيورٽي اهلڪارن پاران تلاشي ورتي پئي وئي ته هن پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو.

بلوچستان جي گهرو وزير سرفراز  بگٽي خدشو ظاهر ڪيو آهي ته ڌماڪي ۾ سيڪيورٽي فورسز کي نشانو بڻايو ويو. هن چيو ته پوليس اهلڪارن آپگهاتي حملو ڪندڙ کي روڪيو ته هن پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو. بلوچستان حڪومت جي ترجمان انوار الحق ڌماڪي جي مذمت ڪندي چيو ته آپگهاتي بمبار کي روڪڻ جي ڪوشش ۾ پوليس اهلڪار شهيد ٿيا. هن چيو ته ڌماڪي ۾ معصوم ماڻهن کي نشانو بڻايو ويو، ڌماڪي جي جاچ جاري آهي. ٻئي پاسي صدر ممنون حسين، ذمت ڪئي وئي آهي. ياد رهي ته سال 2005ع ۾ به درگاهه چيزل شاهه تي آپگهاتي ڌماڪو ٿيو هو جنهن ۾ نتيجي ۾ 50 وزيراعظم شاهد خاقان عباسي، گهرو وزير احسن اقبال، اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سميت ٻين پاران ڌماڪي جي سخت لفظن ۾مکان وڌيڪ معصوم شهري شهيد ٿيا هئا.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *