Saturday , April 20 2024

”فاطمه ڀٽو! پنهنجي شامي ماءُ جو وات بند ڪراءِ نه ته سندس رهيل سهيل عزت به مٽي ۾ ملي ويندس“: بلاول هائوس جو ترجمان جميل سومرو

بلاول هائوس جو ترجمان جميل سومرو

ڪراچي(رپورٽ: اصغر آزاد   سنڌسماءَچار) ”پنهنجي شامي ماءُ جو وات بند ڪراءِ نه ته سندس رهيل سهيل عزت به مٽي ملي ويندس“، اهي لفظ چيا آهن، پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ۽ بلاول هائوس جي ترجمان جميل سومرو پنهنجي هڪ ٽويٽ ۾. جميل سومرو سماجي رابطن جي ايپس ٽويٽر تي پنهنجي ٽويٽ ۾، شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي نياڻي، شاعره ۽ دانشور فاطمه ڀٽو کي مخاطب ٿيندي، ڌمڪي واري انداز ۾ چيو آهي ته، ” فاطمه ڀٽو! جيڪڏهن اڄ ڀٽو زنده آهي ته اهو شهيد محترمه بينظير ڀٽو جيڪري – نه ڪي تنهنجي ماءُ غنويٰ ۽ تنهنجي ڪري“، جميل سومرو پنهنجي ٽويٽ ۾ فاطمه ڀٽو کي مخاطب ٿيندي وڌيڪ چيو آهي ته، ” پنهنجي شامي ماءُ جو وات ڪراءِ نه ته سندس رهيل سهيل عزت به مٽي ۾ ملي ويندس“. ساڳئي ٽويٽ ۾ جميل سومرو وڌيڪ چيو آهي ته، ” توهان المرتضيٰ هائوس ۽ 70 ڪلفٽن جا رهائشي ته ٿي سگهو ٿا، پر شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي سياست ۽ نظريي جا امين نهٿا ٿي سگهو“.

About Asghar Azad

Check Also

هاڻي جنهن به ملڪ وڃون ٿا ته منهن ڏسي سمجهي ٿا وڃن ته پئسا وٺڻ آيا آهن: وزيراعظم شهباز شريف

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) اسان کي پنڻ جو سلسلو بند ڪرڻو پوندو، هاڻي جنهن به …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *