Friday , March 29 2024

غيرقانوني اڏاوتون هٽائڻ منهنجي وس ۾ ناهي:مڪاني ادارن وارو وزير

حد دخليون ڊاهڻ لاءِ دٻاءُ وڌيو ويو ته وزارت تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏيندس:سعيد غني

ڪراچي(رپورٽر  سنڌسماءَچار) ”سپريم ڪورٽ جي حڪمن تي غيرقانوني اڏاوتون ڊاهڻ واري حڪم تي عمل ڪرڻ کان وزارت تگان استعيفيٰ ڏئي ڇڏيندس“، اهو چوڻ آهي سنڌ جي مڪاني ادارن واري کاتي جي وزير سعيد غني جو. سنڌ اسيمبلي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي سعيد غني حد دخلين جي خاتمي جي حوالي سان سپريم ڪورٽ جي حڪمن تي عملدرآمد کان بيوسي ظاهر ڪندي دٻاءُ وڌڻ جي صورت ۾ وزارت تان استعيفيٰ ڏيڻ جو چِتاءُ ڏئي ڇڏيو آهي. سعيد غني چيو ته وفاق کان پيسا نه ٿا ملن، تنهنڪري سنڌ سرڪار پنهنجا ترقياتي ڪم نه ٿي ڪرائي سگهي. ڪراچي ۾ حد دخلين جي خاتمي لاءِ سپريم ڪورٽ جي حڪمن بابت ڳالهائيندي سعيد غني چيو ته عدالتي حڪمن تي عملدرآمد نه ٿا ڪري سگهون. دٻاءُ وڌيو ته استعيفيٰ ڏئي ڇڏيندس، پر عدالتي حڪم تي عمل نه ٿو ڪري سگهان. هن چيو ته ڪراچي شهر جون حالتون تبديل ڪرڻ لاءِ وڏو وقت ۽ پيسو گهربل آهي ۽ هڪ ئي وقت هزارين لکين ماڻهن کي بيروزگار نه ٿا ڪري سگهون، نه وري انهن کي ڪو متبادل فراهم ڪري سگهون ٿا. صوبائي وزير چيو ته ڪجهه پلاٽن تي عمارتون عدالتي فيصلن تحت ئي ٺاهيون ويون، اهي ڪيئن ڊاهيون؟ سپريم ڪورٽ کي پهريان پراڻن فيصلن کي اَن ڊُو ڪرڻ گهرجي، هتي ڪيترائي ڪم عدالتي حڪمن تي ڪيا ويا. مڪاني ادارن واري وزير سعيد غني چيو ته جيڪي ماڻهو ڪراچي ۾ رهن ٿا، انهن جو ايترو ڏوهه ناهي، جيترو الاٽمينٽ ڪرڻ وارن جو آهي.سعيد غني مني بجيٽ تي ڳالهائيندي چيو ته پي ٽي آءِ سرڪار جو هڪ ئي ڪم  عليمه خان کي ڪيئن بچائجي ان لاءِ ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان عليمه خان بچايو مهم هلائي وڃي، مني بجيٽ عليمه خان جي ڪري ئي آندي وئي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *