Thursday , April 18 2024

غلام قادر مري کي اسان گرفتار ناهي ڪيو: رينجرز _ هاءِ ڪورٽ پاران ايس ايس پي ڄامشورو کي ذاتي طور پيش ٿيڻ جو نوٽيس جاري

Marri and zardari

ڪجهه هفتا اڳ ڄامشورو ڀرسان پراسرار نموني طور گم ٿي ويل آصف زرداري جي ويجهي ساٿي غلام قادر مري ۽ سندس ساٿين جي اغوا، کنڀجي گم ٿيڻ يا ڪنهن اداري پاران کيس حراست ۾ وٺڻ وارو مامرو اڃا تائين ڳجهارت بڻيل آهي.

پاڪستان رينجرز سنڌ پاران غلام قادر مري ۽ سندس ساٿين کي گرفتار يا حراست ۾ وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن سنڌ حڪومت پاران سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪو به جواب داخل ناهي ڪرايو ويو، جنهن تي عدالت سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي.

ان سلسلي ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محمد شفيع صديقي جي سربراهي ۾ ڊويزن بئنچ، اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي مئنيجر غلام قادر مري سندس هڪ دوست ۽ ٻن ملازمن سميت کنڀي گم ڪرڻ خلاف داخل ڪيل آئيني درخواست تي رينجرز پاران لکت ۾ جواب داخل ڪرائڻ بعد ڄامشورو جي ايس ايس پي کي سومر ڏينهن موبائيل فون جي رڪارڊ سميت ذاتي طور پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو آهي.

عدالت اهڙو حڪم ڪالهه سندس ڀاءُ اسماعيل مري پاران داخل ڪيل درخواست جي ٻڌڻي ڪندي ڏنو. ڪالهه عدالت ڄاڻايل درخواست جي ٻڌڻي شروع ڪئي ته رينجرز غلام قادر مري ۽ سندس ساٿين جي گرفتاري کان اڻ ڄاڻائي ظاهر ڪندي چيو ته رينجرز غلام قادر مري ۽ سندس ساٿين کي گرفتار ناهي ڪيو. ان موقعي تي ڄامشورو جي ايس ايڇ او پيش ٿي چيو ته کيس تازو ئي ايس ايڇ او طور مقرر ڪيو ويو آهي ۽ جڏهن ته ڪيس جي جاچ ڪندڙ ايس ايڇ او ۽ جاچ آفيسرن جي بدلي ٿي وئي آهي، جنهن ڪري ڪيس جي جاچ ۾ پيش رفت ۽ ٻيو لاڳاپيل رڪارڊ پيش ڪرڻ لاءِ مهلت ڏني وڃي

ان موقعي تي درخواستگذار جي وڪيل چيو ته گذريل ٻڌڻي دوران عدالت ڄامشورو پوليس کي غلام قادر مري جي موبائيل فون جي ڪال ڊيٽا جو رڪارڊ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو پر ان سلسلي ۾ ڪا اڳڀرائي نه ڪئي وئي آهي. اهڙي جواب ڏيڻ تي عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ڄامشورو جي ايس ايس پي کي غلام قادر مري ۽ سندس ساٿين جي بازيابي لاءِ هن وقت تائين کنيل قدمن توڙي سندس موبائيل فون جي ڪال ڊيٽا جي رڪارڊ سميت سومر ڏينهن طلب ڪري ورتو آهي.

ياد رهي ته تازو پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي مئنيجر غلام قادر مري سميت سندس ويجهي ساٿي نواب لغاري ۽ اشفاق لغاري کي به کنڀي گم ڪيو ويو آهي جن کي به هن وقت تائين ڪنهن به عدالت ۾ پيش نه ڪيو ويو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *