Tuesday , April 16 2024

عيد جي موقعي تي موهن جو دڙوگهمڻ تي پابندي لاڳو

Mohen jo Daro 02

لاڙڪاڻي جي ضلعي انتظاميا قومي ورثي موهن جو دڙو تي عيدالاضحيٰ جا ٽي ڏينهن سياحن جي گهمڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي. انتظاميا ان جو جواز ڄاڻائيندي چيو آهي ته ماڻهو قديمي آثارن جي لتاڙ ڪن ٿا جنهن سان انهن کي نقصان پهچي ٿو.

لاڙڪاڻو انتظاميا عيدالاضحيٰ جي موڪلن دوران قديمي آثارن جي لتاڙ روڪڻ لاءِ موهن جي دڙي کي اڄ کان چئن ڏينهن تائين بند رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ثقافت کاتي پاران عيدالاضحيٰ جي موڪلن دوران 4 سيپٽمبر تائين موهن جو دڙو ميوزيم  ۽ آثار عام ماڻهن لاءِ بند رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي. موهن جو دڙو جي ڪيوريٽر غلام حسين بڙدي ماڳ جي مکيه گيٽ تي عام ماڻهن جي داخلا تي پابندي جا نوٽيس به لڳايا ويا آهن. هوڏانهن موهن جو دڙو مکيه گيٽ تي ايس ايس پي لاڙڪاڻو جي حڪم تي  ايس ايڇ او ايئرپورٽ  جي نگراني ۾ پوليس نفري مقرر ڪئي وئي آهي. پوليس عيد ڏهاڙن تي عام ماڻهن طرفان موهن جي دڙي جي  آثارن واري ايراضي  اندر داخل ٿيڻ  جا ماڳ چوڌاري  رستا بند  ڪري ڇڏيا آهن، جڏهن ته دڙو تي اڄ گهمڻ آيل ماڻهن کي واپس موٽايو ويو آهي

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *