Wednesday , April 24 2024

عيدالفطر 14 مئي جمعي تي ٿيندي، عمران خان لاءِ خطري جي گهنٽي

ڪراچي ( مانيٽرنگ ڊيسڪ سنڌ سماءَچار) هن عيدالفطر تي ٻه خطبا ٿيندا، خطرو وفاقي حڪومت کي آهي يا چئن صوبن مان ڪنهن حڪومت کي خطرو ٿي سگهي ٿو ۽ ڪهڙو وڏو وزير گهر ويندو؟

وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته هن سال عيدالفطر 14 مئي جمعي ڏينهن ٿيندي. پنهنجي ٽويٽ ۾ فواد چوڌري واضح ڪندي چيو ته سائنس ڪئلينڊر ۽ رويت ايپ مطابق شوال جو چنڊ 13 مئي خميس ڏينهن نظر اچي ويندو ۽ 14 مئي جمعي ڏينهن عيدالفطر ٿيندي. ان ئي سلسلي ۾ موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته شوال جو چنڊ 12هين مئي تي رات جو 11 لڳي 25 منٽن کان 12 لڳي 20 منٽن دوران پيدا ٿي ويندو.

جيڪڏهن فواد چوڌري جي اڳواٽ پيشگوئي مطابق عيد 14 مئي جمعي ڏينهن ٿيندي ته انا ڏينهن ٻه خطبا ٿيندا، ٻن خطبن بابت اڪثر ڪري چيو ويندو آهي ته جنهن عيد تي ٻه خطبا يعني هڪ عيد ۽ ٻيو جمعي جي نماز جو خطبو ٿيندو ته ان ملڪ جي حڪمرانن لاءِ  خطرناڪ ثابت ٿيندو آهي ۽ انهن جي حڪومت به ختم ٿي سگهي ٿي. انڪري وزيراعظم عمران خان کي به خطرو پيدا ٿي ويو آحي ته ڪٿي سندس حڪومت يا وزارت عظميٰ شپ نه هلي وڃي، پي ٽي آءِ جي هڪ سينئر اڳواڻ ان بابت ٻڌايو ته”خاتون اول وزيراعظم عمران خان کي صلاح ڏنبي آهي ته ٻه خطبا سندس يعني عمران خان، وفاقي حڪومت ۽ پي ٽي آءِ جي ٻن صوبائي حڪومت کي خطرو پيدا ٿي ويو آهي، انڪري ان جو ڪو نه ڪو حل ڪڍيو وڃي، انڪري وزيراعظم بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال جي قرباني ڏيڻ تي ڪم ڪرڻ شروع ڪيو آهي ته جيڪڏهن سندس حڪومت لاءِ خطرا گهڻا وڌي وڃن ته بلوچستاان ۾ تبديلي آندي وڃي ۽ وفاقي، پنجاب ۽ ڪي پي حڪومتن کي محفوظ ڪيو وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *