Friday , March 29 2024

عوام گم ٿيل ماڻهن جي نالي تي ملڪ دشمن احتجاجن ۾ شامل نه ٿئي: آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا

سکر(سنڌسماءَچار    مانيٽرنگ ڊيسڪ) آءِ جي سنڌ الهڏنو خواجا چيو آهي ته، سنڌ مان گم ٿيل ماڻهن جي واپسي جو ڪم تيز ڪيو ويو آهي، عوام کي گهرجي ته گم ٿيل ماڻهن جي نالي تي، ملڪ ۽ ملڪي ادارن جي خلاف ٿيندڙ احتجاج ۾ شرڪت نه ڪري، پوليس جو پيشو پيغمبري آهي، آفيسرز ۽ اهلڪارن کي ايمانداري سان ڪم ڪرڻ گهرجي. سکر ۾ پوليس جي سهولت سينٽرز جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي آءِ جي سنڌ چيو ته پوليس پيغمبري پيشو آهي، آفيسر ۽ اهلڪار ايمانداري سان ڪم ڪن، سهولت سينٽرز تي ڊيوٽي ڪندڙ اهلڪارن جون پگهارون ٻيڻيون ڪيون وينديون.

هن چيو ته سنڌ ۾ مسنگ پرسن جي واپسي جو ڪم تيز ڪيو ويو آهي، عوام مسنگ پرسن جي نالي تي ملڪ ۽ ملڪي ادارن جي خلاف ٿيندڙ احتجاج ۾ شرڪت نه ڪري. آءِ جي سنڌ چيو ته سنڌ ۾ جيڪي پوليس سهولت سينٽر جوڙيا ويا آهن، اهڙا پوري ملڪ ۾ سينٽر نه آهن، پوليس تي عوام جو اعتماد نه آهي، اهڙي تاثر کي هاڻي بدلائڻو پوندو.  هن چيو ته اسان سڀ اهڙو قانون بڻايون جتي امير ۽ غريب بدران رڳو قانون جي ڳالهه هجي، هي دور سوشل ميڊيا ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جو آهي، ايندڙ ڪجهه سالن ۾ وڏو انقلاب برپا ٿي سگهي ٿو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *