Friday , March 29 2024

عوامي دٻاءَ تي جي ڊي اي ميان مٺو کان ٽڪيٽ واپس وٺي ڇڏي

گهوٽڪي( رپورٽر  سنڌسماءَچار) گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس پاران پير آف ڀرچونڊي عبدالحق عرف ميان مٺو کي اين اي 204 گهوٽڪي تي ٽڪيٽ ڏيڻ واري فيصلي کانپوءِ سماجي رابطن جي مختلف سائيٽس تي سخت عوامي رد عمل کانپوءِ جي ڊي اي قيات کي پنهنجو فيصلو واپس وٺڻو پئجي ويو، جي ڊي اي جي سيڪريٽري جنرل اياز لطيف پليجو ان جي تصديق ڪندي چيو ته جي ڊي اي قيادت سان ڳالهه ٻولهه بعد ٽڪيٽ واپس وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اياز لطيف پليجو چيو ته ، ميان مٺو چيو آهي ته مون جي ڊي اي کي ٽڪيٽ ڏيڻ جي درخواست نه ڏني هئي، آزاد حيثيت ۾ چونڊ وڙهي رهيو آهيان. جي ڊي اي عوامي دٻاءُ کانپوءِ گهوٽڪي جي قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 205 تان ميان مٺو کان چونڊ ٽڪيٽ واپس وٺڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. ميان مٺو کي چونڊ وڙهڻ لاءِ ٽيڪٽ جاري ڪرڻ واري فيصلي کي سماجي رابطي جي ويب سائيٽس تي تنقيد جو نشانو بڻائڻ واري معاملي تي پير پاڳاري جي سربراهي ۾ گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائينس جي قيادت جي گڏجاڻي ٿي. جي ڊي اي جي گڏجاڻي ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ميان مٺو کي جي ڊي اي جي پليٽ فارم تان گهوٽڪي جي تڪ اين اي 205 تي چونڊ وڙهڻ لاءِ جاري ڪيل ٽڪيٽ واپس ورتي ويندي. واضح رهي ته جي ڊي اي جي ميان مٺو کي اين اي 204 تي ٽڪيٽ جاري ڪرڻ واري فيصلي کي سماجي رابطن وارين ويب سائيٽس تي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو ويو هو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *