Friday , April 19 2024

عمرڪوٽ پوليس عورت کي اغوا ڪري وحشت جو نشانو بڻائيندڙ جانور صفت جوابدار گرفتاري نه ڪري سگهي

عمرڪوٽ ( سنڌسماءَچار نيوز) عمر ڪوٽ ويجهو ڳوٺ مان 4 ڏينهن اڳ بااثر هٿياربندن هٿان اغوا بعد اجتماعي ڏاڍائي جو نشانو بڻايل ناري کي پوليس هٿ ڪري ورتو، ناري عدالت ۾ پيش، پوليس بااثر جوابدارن کي سوگهو نه ڪري سگهي. پوليس ناري کي عدالت ۾ پيش ڪرڻ بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيو آهي.

 ڳوٺ لالاٻاھه مان 4 ڏينهن اڳ  بااثر جوابدارن ٻني ۾ ڪم ڪندڙ پورهيت عورت کي هٿيارن جي زور تي اغوا ڪري هڪ جاءِ تي بند ڪري ڇڏيو هو، جتي کيس اجتماعي حوس جو نشانو بڻايو ويو. پوليس اغوا ڪيل عورت کي گذريل ڏينهن راجوڙي واري علائقي مان وحشين وتان آزاد ڪرائي کيس عدالت ۾ پيش ڪيو. عدالت ۾ بيان رڪارڊ ڪرائڻ بعد کيس وارثن جي حوالي ڪيو ويو.

وحشين جي وحشت جو نشانو بڻيل عورت مان نصيبان ڀيل کي  عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جتي سندس بيان رڪارڊ ڪيو ويو. جنهن بعد هن عمرڪوٽ پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي دانهيون ته، 7 هٿياربندن ٻني ۾ ڪم ڪرڻ دوران جي زور تي کيس اغوا ڪري هڪ جاءِ ۾ بند ڪري رکيو، جتي مسلسل اجتماعي وحشت جو نشانو بڻايو ويو. هن الزام هنيو ته هٿياربندن کس هڪ ڪمري ۾ بند ڪري کيس اجتماعي لڄالٽ جو نشانو بڻايو، جنهن بعد پوليس ڪالهه ڪارروائي کيس بازياب ڪرايو. ان موقعي تي ڀيل برادري جي اڳوڻن وڪيل ڪانجي ڀيل، شريف ڀيل ۽ ڊاڪٽر منگهارام ڀيل چيو ته هٿياربندن هٿيارن جي زور تي شادي شده ناري کي اغوا ڪري وڏي ناانصافي ڪئي وئي آهي. هنن چيو ته پوليس اڃان تائين هڪ به جوابدار گرفتار نه ڪري سگهي آهي، بااثر جوابدارن کي گرفتار ڪري ساڻس انصاف ڪيو وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

ميرپورخاص: شهيد بينظير ڀٽو سيڊ فارم ۾ بينظير رهائشي ڪالوني ٺاهڻ خلاف هارين جو احتاج

ميرپورخاص: ميرپورخاص ۾ سيڊ فارم جي آباد زمين تي بينظير ڪالوني ٺاهڻ خلاف علائقي واسين …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *