Friday , April 19 2024

عمران خان ۽ محمد بن سلمان جي نويڪلائي ۾ ملاقات

اسلام آباد (سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) سعودي ولي عهد وزيراعظم هائوس ۾ وزيراعظم عمران خان سان نويڪلائي ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪ سعودي لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي سعودي ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان چيو ته پاڪستان زبردست قيادت جي ڪري روشن مستقبل رکي ٿو، 20 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري جي معاهدن جو پهريون مرحلو مڪم ڪيو آهي. تقريب کي وزير اعظم عمران خان خطاب ڪندي چيو ته پاڪستناين جي لاءِ اڄوڪو ڏينهن عظيم آهي، سعودي ولي عهد ۽ سندس وفد کي پاڪستان اچڻ تي ڀليڪار چئون ٿا، سعودي عرب هميشه سان پاڪستان جو دوست ۽ ڀاءُ رهيو آهي، سعودي قيادت ۽ عوام اسان جي دلين ۾ رهندو آهي.  بعد ۾ پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ععاهدن ۽ مفاهمت جي يادداشتن تي صحيح جي تقريب به رٿي وئي جنهن ۾ وزير اعظم عمران خان ۽ سعودي ولي عهد به موجود هئا. ٻنهي ملڪن جي وفد معاهدن ۽ ايم او يوز تي صحيح ڪئي. پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ اسٽينڊرائزيشن جي شعبي ۾ ٽيڪنڪي سهڪار ۽ نوجانن جي معاملن ۽ راندين جي شعبي ۾ سهڪار جو معاهدو ڪيو ويو.  ٻنهي ملڪن بجلي جي پيداوار جي شعبي ۽ معدني وسيلن جي شعبي ۾ ايم او يوز تي صحيح ڪئي جڏهن ته ريفائنري پيٽرول ڪيميڪل پلانٽ جي قيام ۽ متبادل توانائي شين جي ترقي لاءِ مفاهمتي يادداشت تي صحيح ڪئي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *