Friday , March 29 2024

عمران خان پاران ڪي پي حڪومت جو جهاز استعمال ڪرڻ تي نيب جو نوٽيس-”مان خطرناڪ ماڻهو آهيان“:عمران خان

اسلام آباد ( سنڌ سماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) پي ٽي آءِ جي سربراهه عمران خان ميڊيا جي نمائندن پاران نيب پاران سندس خلاف نوٽيس وٺي جاچ واري فيصلي بابت سوال ڪيو، ته هن چيو ”مان وڏو خطرناڪ ماڻهو آهيان“.

ڪرپشن ۽ حڪومتي بدانتظامي خلاف تحريڪ هلائيندڙ پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان تي به حڪومت جا وسيلا ذاتي مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ جو الزام آهي؛ جنهن جو نيب چيئرمين نوٽيس وٺندي ڊائريڪٽر جنرل نيب ڪي پي ڪي کي جاچ ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

 نيب ڪي پي حڪومت جو هيليڪاپٽر استعمال ڪرڻ تي تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي. نيب جي نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته عمران خان ايم آءِ 17 هيليڪاپٽر 22 ڪلاڪ استعمال ڪيو، جڏهن ته پي ٽي آءِ سربراهه ايڪيورئيل هيليڪاپٽر 52 ڪلاڪ استعمال ڪيو. نوٽيس موجب ڪي پي جي وڏي وزير اختيارن جو ناجائز استعمال ڪيو. نيب جي نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته سرڪاري هيليڪاپٽر غير سرڪاري طور گهٽ اگهه تي استعمال ٿيا. نيب موجب عمران خان 74 ڪلاڪ سرڪاري هيليڪاپٽر غير سرڪاري دوري لاءِ استعمال ڪيا. نيب جي پڌرائي موجب چيئرمين جاويد اقبال ڊي جي نيب ڪي پي کي معاملي جي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

ان ئي سلسلي ۾ اسلام آباد ۾ ميڊيا جي نمائندن جڏهن عمران خان کان نيب آڏو پيش ٿيڻ بابت سوال ڪيو ته پي ٽي آءِ سربراهه جواب ڏيندي چيو ” مان خطرناڪ ماڻهو آهيان“ ائين چئي عمران خان گاڏي ۾ ويهي هليو ويو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *