Tuesday , March 19 2024
بلاول ڀٽو زرداري - سنڌسماءَچار فائل فوٽو

عمران خان ڪشمير ۽ ڪشميرين تي بار آهي،سنڌ فتح ڪرڻ چاهي ٿو: بلاول ڀٽو زرداري

عمران خان ڪشمير ۽ ڪشميرين تي بار آهي،سنڌ فتح ڪرڻ چاهي ٿو، مهانگائي خلاف احتجاج ڪنداسين،: بلاول ڀٽو زرداري

اسلام آباد(سنڌسماءَچار  مانيٽرنگ ڊيسڪ) پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، وزيراعظم عمران خان کي ڪشمير ۽ ڪشميرين تي بار قرار ڏيندي مهانگائي سميت عوامي مسئلن تي حڪومت خلاف احتجاج جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، بلاول چيو آهي ته، عمران خان ڪراچي سميت سنڌ کي فتح ڪرڻ چاهي ٿو، صوبائي خودمختياري تي حملو ڪيو پيو وڃي. اسلام آباد ۾ پارٽي اجلاس جي صدارت بعد پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول خورشيد شاهه جي گرفتاري جي مذمت ڪئي ۽ چيو ته نيب جو ڪارو قانون مشرف جو ٺاهيل آهي، نيب سياسي انجنيئرنگ لاءِ ٺاهيو ويو آهي. بلاول چيو ته خورشيد شاهه کي ڪشمير تي حڪومتي ناڪامي تان ڌيان هٽائڻ لاءِ گرفتار ڪيو ويو آهي. عمران خان نااهل ۽ نالائق آهي، جنهن جي نااهل هجڻ جو نقصان ڪشمير ڪاز کي پهچي رهيو آهي. بلاول چيو ته ڪشمير ۾ انساني حقن جي ڳالهه ڪندڙ عمران خان پنهنجي ملڪ ۾ انساني حقن جا بکيا اڊيڙي رهيو آهي. بلاول چيو ته پيپلزپارٽي احتجاج جي حڪمت عملي جوڙيندي انهن شهرن ۽ علائقن جي نشاندهي ڪئي آهي، جتي مهانگائي سميت عوامي مسئلن خلاف احتجاج ڪيو ويندو. هاڻي حڪومت جي نالائقي وڌيڪ برداشت نه ڪئي ويندي. احتجاج سنڌ کان ٿيندو پنجاب ويندو. هن چيو ته مهانگائي ۽ معاشي خرابي کي بنياد بڻائي احتجاج ڪيو ويندو. بلاول چيو ته هو مولانا فضل الرحمان جي احتجاج جي اخلاقي حمايت جاري رکندا. هڪ سوال جي جواب ۾ بلاول چيو ته وزيراعظم عمران خان جو ڌيان ڪشمير تي ناهي، هو ڪراچي سميت سنڌ کي فتح ڪرڻ چاهي ٿو، سنڌ ۾ صوبائي خودمختياري تي حملو ڪيو پيو وڃي. خورشيد شاهه جي گرفتاري بابت سوال جي جواب ۾ بلاول ڀٽو چيو ته وزيراعظم عمران خان جنهن لاءِ چوندو آهي، نيب ان کي گرفتار ڪندو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *