Friday , April 19 2024

عمران خان ڌانڌلي جي پئداوار وارو وزيراعظم آهي، شيخ رشيد منهنجي گرفتاري جو اڳواٽ اشارو ڏنو هو: شهباز شريف جو قومي اسيمبلي ۾ خطاب

اسلام آباد( سنڌسماءَچار   مانيٽرنگ ڊيسڪ) قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر شهباز شريف عمران خان کي ڌانڌلي جي پيداوار وزيراعظم قرار ڏيندي چيو ته ننڍين چونڊن ۾ عمران خان جون ڇڏيل سيٽون ن ليگ کٽيون، ثابت ٿي ويو ته عام چونڊن ۾ بدترين ڌانڌلي ٿي. قومي اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي شهباز شريف چيو ته نيب چيئرمين اهي ئي ڳالهيون ڪري رهيو  آهي، جيڪي عمران خان وزير اعظم ٿيڻ کان اڳ ڪندو هو. شهباز شريف چيو ته شيخ رشيد اڳواٽ ئي چيو هو ته شهباز شريف جيل ويندو، ڇا ان سموري عمل کي پي ٽي آءِ ۽ نيب جو ڳٺ جوڙ چوڻ غلط آهي؟. شهباز شريف چيو ته ننڍي چونڊ ۾ ن ليگ تحريڪ انصاف جون کٽيل سيٽون واپس ڪرائي ڏيکاريون، جنهن مان ثابت ٿي ويو ته 2018ع واريون عام چونڊن ۾ بدترين ڌانڌلي ٿي. شهباز شريف چيو ته حڪومت کي 2 مهينا ٿيا آهن، عمران خان جي کٽيل سيٽ تي نواز ليگ جي سوڀ مان ثابت ٿيو ته ننڍي چونڊ ۾ ڌانڌلي يا عام چونڊن ۾ بلينڊر ڪيا ويا. شهباز شريف چيو ته کيس سمجهه ۾ نٿو اچي ته ڌانڌلي جي پيدوار وزير اعظم عمران خان کي هن ڪهڙي تڪليف پهچائي آهي، ڇا هن ڪنهن جي ٻڪري چوري ڪئي آهي يا نيازي جي ننڊ ۾ رنڊڪ وڌي آهي. اپوزيشن ليڊر وڌيڪ چيو ته حڪومت ٻن مهينن اندر ئي مهانگائي جو طوفان برپا ڪري عوام جو جيئڻ تنگ ڪري ڇڏيو آهي، ڇا اهو نئون پاڪستان آهي؟.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *