Friday , March 29 2024

عمران خان نااهلي کان بچي ويو پر پي ٽي آءِ جو جنرل سيڪريٽري جهانگير ترين نااهل ٿي ويو

اسلام آباد ( خصوصي نمائندو سنڌسماءَچار) پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان مٿان نااهلي واري تلوار نيٺ ٽري وئي آهي پر پي ٽي آءِ جو جنرل سيڪريٽري ۽ عمران خان جو ويجهو ساٿي جهانگير ترين سڄي عمر لاءِ نااهل ٿي ويو آهي جنهن بعد سندس سياسي ڪيريئر ختم ٿي ويو آهي. عمران خان جو چوڻ آهي ته ترين جي نااهلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ نظر ثاني واري درخواست داخل ڪنداسين، مهنجي خلاف جيڪا سوچيل سمجهيل سازش سٽي وئي هئي اها ناڪام ٿي وئي آهي ۽ هڪ سال تائين اهڙي شخص سان ڀيٽيو ويو جيڪو نااهل آهي. سپريم ڪورٽ نون ليگ اڳواڻ حنيف عباسي جي درخواست تي فيصلو ٻڌائيندي عمران خان جي نااهلي واري درخواست رد ڪري ڇڏي ، عدالت ٻي پٽيشن ۾ جهانگير ترين کي سڄي عمر لاءِ نااهل قرار ڏئي ڇڏيو آهي عدالتي فيصلي بعد اليڪشن ڪميشن جهانگير ترين جي نااهلي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.

سپريم ڪورٽ حنيف عباسي جي درخواست تي تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان ۽ جهانگير ترين جي نااهلي واري درخواست تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌايو. چيف جسٽس ميان ثاقب نثار ڪيس جو فيصلو ٻڌائڻ کان اڳ دير سان اچڻ تي معذرت ڪئي. چيف جسٽس جسٽس ثاقب نثار ڪيس جو فيصلو پڙهي ٻڌئيندي چيو ته سمورين شاهدين جو جائزو ورتو ويو، پي ٽي آءِ تي پرڏيهي فنڊن جو الزام لڳايو ويو هو. فيصلي موجب تحريڪ انصاف تي پرڏيهي فنڊنگ جو الزام لڳايو ويو آهي، پر درخواست ڏيندڙ پرڏيهي فنڊنگ جي متاثر ڌر نه آهي. عدالت فيصلي ۾ چيو ته اليڪشن ڪميشن غير جانبداراڻي طور تي اڪائونٽس جي جاچ پڙتال ڪري. چيف جسٽس فيصلي ۾ چيو ته عمران خان نيازي سروسز لميٽيڊ جو شيئر هولڊر يا ڊائريڪٽر نه هو. 250 صفحن تي ٻڌل فيصلي جي ڊرافٽنگ هڪ صفحي تي ڪرڻ ۾ غلطي ٿي، جنهن سبب سڄي فيصلي کي ٻيهر پڙهڻو پيو جنهن سبب فيصلو ٻڌائڻ ۾ دير ٿي.

فيصلي ۾ سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس ثاقب نثار چيو ته جهانگير ترين ايماندار ناهي هن غلط بياني ڪئي، آف شور ڪمپني سندس ملڪيت آهي، جنهن سبب کيس سڄي عمر لاءِ نااهل ڪيو وڃي ٿو. سپريم ڪورٽ چيو ته جهانگير ترين جو جواب ڏوهه قبول ڪرڻ آهي، هو صادق ۽ امين نه آهي.  سپريم ڪورٽ فيصلي ۾ چيو ته جهانگير ترين آئين جي آرٽيڪل 62 ون ايف تحت نااهل ٿيو آهي. عدالت ۾ نواز ليگ طرفان مملڪتي وزير مريم اورنگزيب، درخواست ڏيندڙ حنيف عباسي، دانيال عزيز، طلال چوڌري، مصدق ملڪ ۽ ٻيا اڳواڻ پيش ٿيا جڏهن ته تحريڪ انصاف طرفان  فواد چوڌري، فردوس عاشق اعواڻ، نذر محمد گوندل، سينيٽر شبلي فراز، فيصل خان سميت ٻيا اڳواڻ عدالت ۾ موجود هئا.

ٻڌڻي دوران سپريم ڪورٽ جو ڪمرو نمبر هڪ وڪيلن، تحريڪ انصاف ۽ نواز ليگ جي اڳواڻڻ ۽ ميڊيا جي نمائندن سان ڀريل هو. واضح رهي ته چيف جسٽس جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ 14 نومبر تي نااهلي ڪيس تي ٻڌڻي مڪمل ڪرڻ بعد فيصلو محفوظ ڪيو هو، بينچ ۾ جسٽس فيصل عرب ۽ جسٽس عمر عطا بنديال به شامل هئا. حنيف عباسي جي داخل درخواست تي ٻڌڻي 405 ڏينهن تائين جاري رهي، جنهن دوران 50 ٻڌڻيون ٿيون ۽ ڪارروائي 101 ڪلاڪن تائين جاري رهي. سپريم ڪورٽ ۾ درخواست تي ڪارروائي دوران اٽڪل 7 هزار دستاويز پيش ڪيا ويا. عدالتي فيصلي بعد اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ اڳواڻ جهانگير ترين جي نااهلي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. جهانگير ترين جي نااهلي بعد اين اي 154 لوڌران ون واري سيٽ خالي ٿي وئي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *