Tuesday , March 19 2024

عمران خان جي صلاح مشوري سان مقرر ڪيل نيب چيئرمين استعيفا ڏئي ڇڏي

اسلام آباد ( خاص نمائندو    سنڌ سماچار) اڳوني وزير اعظم عمران خان جي صلاح مشوري سان مقرر ڪيل نيب چيئرمين آفتاب سلطان عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي، وزيراعظم شهباز شريف سندس استعيفا منظور ڪري ڇڏي، آفتاب سلطان الزام لڳايو آهي ته کيس اهڙا ڪم ڪرڻ لاءِ چيو ويو جيڪي هُو ڪرڻ نه پيو چاهي. نيب چيئرمين آفتاب سلطان وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات ڪري عهدي تان استعيفا پيش ڪئي. آفتاب سلطان استعيفيٰ ڏيڻ جي تصديق ڪندي چيو آهي ته ڪجهه شيون چيون ويون، جيڪي مونکي قبول نه هيون، استعيفيٰ ڪجهه ڏينهن پهرين ڏني هئي.

آفتاب سلطان استعيفا ڏيڻ کان اڳ الوداعي خطاب ڪندي چيو ته استعيفا ٻه ڏينهن پهريان ڏني هئي، وزيراعظم کي پيش ڪيل استعيفا منظور ڪئي وئي آهي، مون هميشه ميرٽ ۽ قانون مطابق ڪم ڪيو آهي. ائين ٿي نٿو سگهي ته ڪنهن جي خلاف زبردستي ڪيسز قائم ڪيان يا ختم ڪيان. جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال جي رٽائرمينٽ کانپوءِ  آفتاب سلطان 21 جولاءِ 2022 تي ذميواريون سنڀاليون هيون، ان کان اڳ ۾  هو انٽيليجنس بيورو  جو سربراهه رهي چڪو آهي. آفتاب سلطان  کي ٽن سالن لاءِ نيب چيئرمين مقرر ڪيو ويو هو، پر هن مدو ختم ٿيڻ کان پهريان ئي استعيفا ڏئي ڇڏي.

ٻئي پاسي وزيراعظم شهباز شريف نيب چيئرمين جي مقرري لاءِ مشاورت شروع ڪري ڇڏي، ذريعن جو چوڻ آهي ته نيب چيئرمين لاءِ بشير ميمڻ، اعظم سليمان ۽ عرفان الاهي  جي نالن تي غور ڪيو پيو وڃي، وزير اعظم شهباز شريف ۽ اپوزيشن ليڊر  راجا رياض  مشاورت بعد نئين نيب چيئرمين جي منظوري ڏني ويندي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *