Friday , March 29 2024

”علي رضا شاهه ڇو ڇتو ٿيو، شرم اٿس ته ٻڏڻ گهرجيس“: سيد امير حيدر شاهه

   سيد امير حيدر شاهه صحافين سان ڳالهائيندي (فائل فوٽو)

ڪراچي ( رپورٽر    سنڌسماءَچار) سائين جي ايم سيد جي پوٽي ۽ امير حيدر شاهه جي پٽ سيد علي رضا شاهه ملڪ اسد سڪندر سان گڏجي بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات بعد پيپلز پارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

بلاول ڀٽو زرداري سان علي رضا شاهه جي ملاقات

ان سلسلي ۾ سائين جي ايم سيد جي پٽ سيد امير حيدر شاهه هڪ ويڊيو پيغام ۾ پنهنجي پٽ جي اهڙي سياسي عمل کان خاندان سميت مڪمل لاتعلقي جو اظهار ڪري ڇڏي ڇڏيو آهي. سائين جي ايم سيد جي پٽ سيد امير حيدر شاهه، ويڊيو بيان ۾ چيو آهي ته، ” ٻڏڻ گهرجيس، شرم اچڻ گهرجيس، اسان ڦڪا پيا لڳون، ته هي ڇو ڇتو ٿيو، ڇو انڌو ٿيو“. سيد امير حيدر شاهه ويڊيو بيان ۾ وڌيڪ چيو آهي ته، ” اسانجا ڪنڌ شرم وچان جھڪيل آھن، ٻڏڻ گھرجيس، وڏن جي عزت ۽ محنت برباد ڪري ڇڏيائين، مان حيران آھيان ته منھنجو پٽ ايترو سستو وڪاميو آھي، وڏن جي محنت ۽ جدوجھد جو به خيال نه ڪيائين“. امير حيدر شاهه چيو ته، ” مان سائين جي ايم سيد جي پٽ ھجڻ جي ناطي انھي عمل کان لاتعلقي جو اعلان ڪيان ٿو“.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *