Thursday , March 28 2024

عذرا پيچوهو جي بيان بعد حڪومتي ڪميٽي مان اها ئي اميد هئي،رپورٽ قبول ناهي:فرزانا جمالي

نوابشاهه( خاص نمائندو سنڌسماءَچار) شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي ۾ پڙهندڙ انگريزي شعبي جي شاگردياڻي فرزانا جمالي، حڪومت ڪميٽي جي رپورٽ کي رد ڪري ڇڏيو آهي. فرزانا جمالي جو چوڻ آهي ته، سنڌحڪومت پاران جوڙيل جاچ ڪميٽي تي پهريان به اعتبار نه هو ان باوجود به ڪميٽي پاران بيان قلمبند ڪرايو هو. هن چيو ته، گمبٽ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي، صحت کاتي جي وزير عذرا پيچو هو جو بيان جاچ ڪميٽي جي رپورٽ کان اڳ ئي اچي ويو هو، جنهن ۾ هن ساڳئي ڳالهه ڪئي هئي، جيڪا ڪميٽي جي رپورٽ آهي. فرزانا جمالي چيو ته ڪميٽي جي رپورٽ کان هڪ ڏينهن اڳ ۾ عذرا پيچوهو جي بيان بعد ئي مان ڪميٽي جي رپورٽ اچڻ کان اڳ ئي ان کي رد رد ڪيو هو، ڇو ته ان مان انصاف جي ڪا به اميد نه هئي.هن چيو ته، صوبائي وزير عذرا پيچوهو پاران جوابدار استاد جي حمايت ڪرڻ بعد خبر هئي ته سرڪار پاران جوڙيل ڪميٽي جي رپورٽ به اهڙي ئي ايندي. متاثر شاگردياڻي فرزانا جمالي  چيف جسٽس ۽ وزيراعظم عمران خان کي  اپيل ڪئي آهي ته معاملي جي شفاف جاچ ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *