Friday , March 29 2024

عدالتي حڪم تي بحريا ٽائون پاران ملندڙ رقم سنڌ جي حوالي ڪئي وڃي: سنڌ ڪابينا

سپريم ڪورٽ جي حڪم تي عدالت ۾ جمع ٿيندڙ رقم وفاقي حڪومت وصول ڪرڻ چاهي ٿي، رقم حاصل ڪرڻ لاءِ قانوني دڳ به اختيار ڪري سگهجي ٿو: وڏو وزير

ڪراچي (رپورٽر   سنڌسماءَچار) سنڌ حڪومت بحريا ٽائون ڪراچي جي زمينن واري ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ جي حڪم تي وصول ٿيندڙ رقم سنڌ کي ڏيڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي، وڏي وزير ۽ سنڌ ڪابينا جي ميمبرن جو چوڻ آهي ته وفاقي حڪومت ان رقم ۾ اکيون وجهيون ويٺي آهي، اها سنڌ جي آهي ۽ سنڌ سرڪار جي حوالي ڪئي وڃي. ڇنڇر ڏهاڙي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ٿيل سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ ٻين معاملن تي غور ڪرڻ سان گڏ ان ڳالهه تي به غور ڪيو ويو ته بحريا ٽائون ڪراچي جي ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ پاران جيڪا رقم بحريا ٽائون کان زمينن جي مد ۾ وصول ڪئي آهي اها وفاق کان ڪيئن وٺجي. اجلاس ۾ ڳالهائيندي وڏي وزير ۽ ڪابينا جي ميمبرن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو آهي ته بحريا ٽائون کان وصول ڪئي ويندڙ رقم سنڌ جي آهي ۽ اها سنڌ کي ئي ملڻ گهرجي، ان رقم تي وفاقي سرڪار جو ڪو به حق نه آهي ان جي باوجود به وفاقي حڪومت اها رقم حاصل ڪرڻ جي ڪوشش پئي ڪري.

سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ خيرپور ميڊيڪل ڪاليج جي ملازمن کي پڪو ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي، وڏي وزير ملازمن کي پڪو ڪرڻ لاءِ لاڳاپيل اختيارين کي سموريون قانوني گهرجون جلد مڪمل ڪرفڻ جي هدايت ڏني. ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي سڌ سماءَ واري وزير سعيد غني چيو ته زرعي شعبي ۾ ڪم ڪندڙ عورتن جي تحفظ ۽ حق ڏيڻ لاءِ بل جي منظوري ڏئي ڏني وئي آهي، بحريا ٽائون واري رقم سنڌ جي آهي ۽ اها سنڌ کي ڏني وڃي، بدقسمتي سان وفاقي حڪومت ان رقم ۾ اکيون وجهي ويٺي آهي. هن چيو ته ڪابينا سنڌ منيمم ويج بورڊ به جوڙڻ جي منظوري ڏني وئي آهي.

سعيد غني جو چوڻ هو ته ڪابينا شهيد محترمه بينظير ڀٽو انسٽيٽيوٽ آف ٽراما جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر جي چارج ڪنهن 20هين گريڊ جي آفيسر کي ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جيڪا صحت واري وزير جي منظوري سان ڏني ويندي.

بي نامي ملڪيتون ضبط ڪرڻ جو ٽائيم فريم تيار، چيف سيڪريٽريز پريشان

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *