Friday , April 19 2024

عدالتي حڪمن جي ڀڃڪڙي، ايم پي اي سردار چانڊيو جرڳا ڪرڻ لڳو

لاڙڪاڻو(رپورٽر   سنڌسماءَچار) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي پابندي باوجود پيپلز پارٽي جو ايم پي اي سردار چانڊيو خوني تڪرارن جا جرڳا ڪرڻ لڳو آهي، سردار چانڊيو وارهه ۾ گائنچا برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ خوني تڪرار جو جرو ڪري ٻنهي ڌرين تي 70 لک رپيا ڏنڊ مقرر ڪرڻ جو نادر شاهي حڪم ٻڌائي ڇڏيو آهي، ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو خاموش تماشائي بڻيل آهن، عدالتي حڪمن جي خلاف ورزي ڪندڙ ايم پي اي خلاف ڪا به ڪارروائي نه ڪئي آهي. وارهه جي گائنچا برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار جو ايم پي سردار خان چانڊيو جي سرپئنچي هيٺ ڪوٽ نواب ۾ جرڳو ڪيو ويو.جرڳي دوران ڌرين جا هڪٻئي تي 4 خون ثابت ٿيڻ تي مجموعي طور تي 70 لک رپيا ڏنڊ وڌو ويو. جرڳي ۾ اڪبر گائنچو جي ڌر تي آدم گائنچو ۽ چِڀڙ گائنچو جو خون ثابت ٿيڻ تي 20 لک رپيا ڏنڊ وڌو ويو.

ساڳي ڌر جي جوابدار پانڌي گائنچو مٿان گلاب گائنچو جو خون ثابت ٿيڻ تي 15 لک ۽ ٻن خونن ۾ مخبري جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي 20 لک رپيا ڏنڊ وڌو ويو، جڏهن ته اڪبر واري ڌر مٿان 55 لک رپيا ڏنڊ پيو، اهڙي ريت ٻي جهيڙيندڙ محبت گائينچو واري ڌر مٿان وارهه ٽائون ڪميٽي جي ملازم مقتول اياز گائينچو جو خون ثابت ٿيڻ تي 15 لک رپيا ڏنڊ وڌو ويو. ايم پي سردار خان چانڊيو عدالتي حڪمن جي خلاف ورزي ڪندي هن وقت تائين مارفاڻي- گائنچا ۽ گائنچا برادري جي ٻن ڌرين جا خوني تڪرار نبيرجي چڪو آھي. ايندڙ ڪجهه ڏينهن دوران بلاڻي – ڀاڻواڻي تڪرار، جهنڊاڻي-کوهيگاڻي ، خاصخيلي- مڱڻيجا – راڌاڻي- ٽوٽاڻي برادرين ۾ تڪرارن جرڳا ڪرڻ لاءِ عدالتن کان مٿانهيون سرداري عدالتون لڳائيندو. عدالتي حڪمن جي ڀڃڪڙين تير ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو خاموش تماشو ڏسي رهيا آهن.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *