Saturday , April 20 2024

عدالتي حڪمن باوجود پوليس منهنجي ڪٽنب لاءِ جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آهي: ذلفي ميراڻي

حيدر آباد(سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) ميڊيا جي مختلف ادارن ۾ وڏي عرصي تائين صحافتي خدمتون سرانجام ڏيندڙ ۽ سماجي ڪارڪن ذولفي ميراڻي سماجي رابطن جي مختلف فورمز تي پاڻ ۽ پنهنجي خاندان تي ٿيل ڏاڍاين خاص طور تي پوليس گردي بابت دانهيندو رهي ٿو.

ذلفي ميراڻي درد ڪٿا پيش ڪندي چوي ٿو، ” گذريل سال سيپٽمبر کان وچ جنوري تائين منهنجي خاندان خلاف 03 انتهائي وڏيون غير قانوني ڪارروايون ڪري بزرگ بابا کي 22 پوليس موبائلن ۾ سوار ٿي آيل پوليس وردي ۽ نقاب پهريل پوليس/غير پوليس هٿياربندن جديد هٿيار ساڻ ڪري بنا وارنٽن جي، بنا ليڊي سرچر جي ڊي ايس پي شبير سرڪي، ايس ايچ او قاسم آباد منظور جمالي، سي آء اي سينٽر انچارج لانگاھ, نسيم نگر سميت مختلف ٿاڻن جي اٽالن گهر تي ڪاهه ڪري واش رومن سميت گهر جي ڪنڊ ڪڙڇ   کي چيڪ ڪرڻ بعد بابا ۽ ڀاءُ کي قاسم آباد ٿاڻي ۾ بند ڪري بابا جي گرفتاري هڪ پراڻي ڪيس ۾ ظاهر ڪري ڇڏي ۽ ڀاءُ کي تقريبن 14 ڪلاڪن بعد رات دير سان منهنجي حوالي ڪيو ويو. ان کانپوء منهنجي وڏي پٽ کي هڪ جڙتو ڪيس ۾ معصوم عمر ۾ ئي سينٽرل جيل ياترا ڪرائي. اهو مس آزاد ٿيو  ته  گذريل 15 جنوري تي پوليس وحشت جو مظاهرو ڪندي منهنجي ڳڀرو ڀاءُ امتياز ميراڻي کي سندس دوست عمران ڪليري سميت گهران اغوا ڪرڻ بعد ايس ايس پي شبير سيٺار، جيڪو ماضي ۾ اسان سان گڏ پروبيشنر ASI به رهي چڪو آهي ٽريننگ به گڏ ڪئي سين پراڻي دوست عبدالله جو ڀائيٽو به آهي؛ ان جون هدايتون هئڻ جو حوالو ڏئي طلب ڪيل ڀنگ نه ملڻ تي سيٺارجا ۾ نام نهاد پوليس مقابلو ظاهر ڪري “هاف فراء” ڪيو ويو. جيڪو هن وقت زخمي حالت ۾ جڙتو مقابلن جي ماهر پوليس وارن وٽ قيد آهي، جنهن کي هُو قانون جو نالو ڏين ٿا.

اسان ته پنهنجي فطرت ۾ ئي امن پسند ۽ قانون جو احترام ڪندڙ آهيون ان جو واضح مثالُ پوليس گردي خلاف سنڌ هاء ڪورٽ ۾ داخل منهنجي آئيني پٽيشن نمبر 3152/2010 آهي! ضمانت نه کڻڻ عدالت جو اختيار آ پر اميد اها هئي ته عدالت انساني بنيادن تي ئي هاف فراء جهڙي غير انساني ۽ بد تهذيب دهشتگرد ڪاروائي جي شڪار منهنجي زخمي ڀاءُ جي علاج لاء ميڊيڪل بورڊ جوڙڻ سان گڏ سندس والدين کي به ان جي علاج جي سلسلي ۾ آگاه ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا ويندا اهو خاص ڪري ان ڪري جو امتياز ميراڻي جو ڪيس اهڙي قسم جي واقعن کان بنھ مختلف آ ۽ اهو مختلف ان ڪري آ جو هڪ ته منهنجي پٽيشن ۾ سنڌ هاء ڪورٽ جو چيف جسٽس احمد علي شيخ صاحب 02.03.2017 واري آخري آرڊر ۾ سنڌ پوليس جي سپھ سالار کي تنبيھ ڪري چڪو آهي ته،آئينده امتياز ميراڻي تي ڪنهن به قسم جا ڪيس داخل ڪرڻ کان پاسو ڪيو وڃي ۽ ٻي اهم ڳالھ هيءُ به ريڪاڊ جو حصو آ ته امتياز ۽ عمران ڪليري جي کنڀجڻ بابت سڄي .

سنڌي  ميڊيا سڄو ڏينهن اهڙو واقعو رپورٽ ڪندي رهي ڪجھ شهرن ۾ انهن جي کنڀجڻ خلاف مظاهرا ۽ احتجاج به ٿيو، جنهن بابت اخبارن ۾ به خبرون به ڇپيون نوشهري فيروز جي سيشن عدالت ۾ اهڙي واقعي خلاف پٽيشن به داخل ڪئي وئي ۽ ان کان علاوه خيرپور ۽ نوشهري ضلعن جي سمورن صحافين، سڄاڻ ڌرين ۽ متحرڪ سماج سڌارڪ، ساڌو مطلب ڪک پن اهڙي جڙتو مقابلي تي ملامت وجهي رهيو آهي، 15 ڏينهن کان مظاهرا ۽ احتجاج رپورٽ ٿيندا رهيا آهن, ۽ اهي سڀ ڪاغذ توڙي سنڌ هاء ڪورٽ جي آرڊرز عدالت سڳوري کي پيش ڪيا مگر خير عدالت جو فيصلو اکين تي باقي اسان ان ظلم خلاف هر فورم تي وينداسين ۽ اميد اٿئون ته لکين ڪروڙين زنده ضمير انسان،حق جو طرف وٺندڙحق شناس سول سوسائٽي, انساني حقن لاء پتوڙيندڙ, صحافي ۽ سڀ سڄاڻ فرد، سياسي، سماجي ۽ ذميوار حڪومتي ادارا انساني همدردي جي بنيادن تي منهنجي ڀاءُ امتياز علي ميراڻي کي اغوا جي ڪيترن ئي ڪلاڪن بعد اکيون ۽ هٿ ٻڌي هاف فراء ڪرڻ واري وحشياڻي ڪارروائي جو نوٽيس وٺن.

نشانو بڻايو ويو ۽ نوجوان عمران ڪليري جي گرفتاري وري بليڪ ميلنگ ذريعي ايس ايس پي شبير سيٺار جي نالي تي سندس وارثن کان وڏي رقم وٺڻ باوجود ڪيسن ۾ ڦاسائي ڇڏيو. ايس ايس پي پنهنجي هائوس تي مونسان پنهنجي ملاقات ۾ سب انسپيڪٽر وحيد شيخ ۽ ڪنهن ڪنهن کي نظر ايندڙ خلقيندڙ مقتدر عظيم هستيءۡ جي موجودگي ۾ ايس ايس پي پاڻ مڃيو ته پوليس کيس به انڌيري ۾ رکيو ۽ هو اسانجي الزامن جي جاچ اي ايس پي ذريعي ڪرائي ٽن ڏينهن ۾ ذميوارن خلاف مطمئن ڪندڙ قدم کڻندو؛ پر افسوس ته ملاقات کيٻه هفتا ٿي ويا پر شبير سيٺار جا 3 ڏينهن اڃا پورا ناهن ٿيا ۽ سندس جي ڪمپلين برانچ پاران درخواست وصول ڪرڻ کان انڪار ڪندي چيو پيو وڃي ته جيسين صاحب نه چوندو تيسين درخواست نه ورتي ويندي! ۽ رڳو دير وارا حربا استعمال ڪيا پيا وڃن ٻئي طرف حيدرااباد پوليس بي وجھ پٽ کي پيش ڪرڻ لاء چيو آ, سمجھ ۾ نٿو اچي آخر ڪهڙا نوان قانون پاس ٿيا آهن جو هي جنهن کي چاهين کڻي وٺن يا ان کي گوليون هڻي ڪڍن, اهڙي طرح امتياز کي زخمي ڪرڻ بعد  هڪ اڇلايو ويو جتي سڄي رات سندس رت وهندو رهيو ۽ ساڻس گڏ کنڀيل نوجوان فوٽ بال رانديگر عمران علي کي ٽن ڏينهن بعد 160.000 هزار وٺي هڪ ٻئي ٿاڻي تي ظاهر ڪيو ويو, ۽ هاڻ مختلف طريقي سان ڌمڪيون پيو ملن. اسان خلاف سالن کان جاري پوليس گردي جو هي مختصر حصو، ڇوته امتياز جي زندگي سخت خطري ۾ ۽ اسان سڀ خطره محسوس ڪيون ٿا, پوسٽ شيئر ڪرڻ جو مقصد هن ظلم ۽ بربريت خلاف جائز مدد ۽ ساٿ حاصل ڪرڻ ٿو چاهيان گهٽ ۾ ان واقعي جي شفاف جاچ ڪرڻ ۽ ذميوارن خلاف ڪارروائي لاء منهنجي هن پوسٽ کي شيئر ڪرڻ جو احسان ڪن ۽ اگر ساڻن ڪنهن به اداري جو ڪو ذميوار ايڊ آ ته ان کي انصاف حصول ۾ اسانجي مدد ڪرڻ لاء عرض ڪيو وڃي, ڇوته امتياز کي به اُهڙائي انساني حق حاصل هئڻ گهرجن, جيئن ڪنهن ٻئي کي حاصل آهن.

 ذلفي ميراڻي” هيومن رائيٽس ايڪٽيوسٽ, ايڪس اسٽاف رپورٽر, بيورو چيف روزانه ڪاوش ميرپور خاص سينئر نيوز اسڪرپٽ ايڊيٽر, ڪي ٽي اين نيوز .

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *