Friday , April 19 2024

عام چوونڊون: فوج 23 کان 27 جولاءِ تائين مقرر هوندي

اسلام آباد( رپورٽر سنڌسماءَچار) اليڪشن ڪميشن 25 جولاءِ تي ٿيندڙ عام چونڊن جي موقعي تي پولنگ اسٽيشنس تي مقرر ٿيندڙ پاڪ فوج جي اهلڪارن کي فرسٽ ڪلاس ماجسٽريٽ جا اختيار ڏئي ڇڏيا آهن. نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي. پولنگ اسٽيشنس جي اندر توڙي ٻاهر مقرر فوجي اهلڪار ٿڏي تي سزائون به ٻڌائي سگهندا. نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته پولنگ اسٽيشنس جي اندر توڙي ٻاهر موجود فوجي اهلڪار چونڊ ضابطن جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف موقعي تي سزائون به ٻڌائي سگهندا. نوٽيفڪيشن ۾ سزائن جي مدي جو ڪيو به ذڪر نه ڪيو ويو آهي.

اليڪشن ڪميشن جي ذريعن جو چوڻ آهي ته فوجي اهلڪار ڪنهن به چونڊ ضابطي جي ڀڃڪڙي جي صورت ۾ پرزائيڊنگ آفيسر کي ان جو اطلاع ڏيڻ جا پابند هوندا.  اليڪشن ڪميشن موجب اطلاع ڪرڻ باوجود جيڪڏهن پرزائيڊنگ آفيسر پاران ڪا مناسب ڪارروائي نه ٿي ڪئي وڃي ته فوجي اهلڪار ان بابت پنهنجن سينيئر آفيسرز کي آگاهه ڪرڻ جا پابند هوندا. نوٽيفڪيشن موجب فوجي اهلڪار 23 کان 27 جولاءِ تائين پولنگ اسٽيشنس تي مقرر هوندا. 2013ع وارين چونڊن ۾ به فوج کي فرسٽ ڪلاس ماجسٽريٽ جا اختيار ڏنا ويا هئا. پر فوج کي پولنگ بوٿس جي ٻاهران مقرر نه ڪيو ويو هو.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *