Friday , March 29 2024

عالمي دٻاءُ، ”صحافي جمال خاشقجي ترڪي ۾ اسان جي سفارتخاني اندر قتل ٿيو“: سعودي ولي عهد جو اعتراف

استنبول (سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ ) استنبول ۾ سعودي عرب جي سفارتي خاني ۾ سعودي واسي صحافي جي قتل وارو الجهيل معاملو سلجهڻ شروع ٿي ويو آهي، سعودي ولي عهد صحافي جمال خاشقجي جي قتل جو اعتراف ڪندي سرڪاري سطح تي بيان به جاري ڪيو ويو آهي. سعودي بادشاهه. ترڪي، سميت عالمي ميڊيا جي خبرن جو مرڪز بڻيل سعودي عرب جي صحافي جمال خاشقجي جي، ترڪي ۾ سعودي سفارتخاني اندر قتل جي منجهيل معاملي تي سخت عالمي دٻاءَ کانپوءِ سعودي عرب پاران اعتراف بعد سلجهڻ شروع ٿي ويو آهي. عالمي ميڊيا جي مختلف ادارن، سي اين اين، بي بي سي، اي ايف پي، سميت ٻين خابرو ادارن سعودي بادشاهه ۽ ولي عهد جي حوالي اهڙي اعتراف جون خبر نشر ڪيو آهن. انهن رپورٽس موجب، سعودي عرب پنهنجي استنبول قونصل خاني ۾ صحافي جمال خاشقجي جي قتل جي تصديق ڪري ڇڏي. سعودي صحافي جمال خاشقجي پنهنجي ترڪ مڱيندي سان شادي لاءِ 2 آڪٽوبر تي استنبول قونصل خاني پهتو جنهن بعد گم ٿي ويو.

سعودي عرب جي پراسيڪيوٽر هڪ بيان جاري ڪندي چيو ته 2 آڪٽوبر تي جڏهن خاشقجي قونصل خاني پهتو ته اتي موجود ماڻهن سان جهيڙو ٿي پيو جنهن جو نتيجو خاشقجي جي موت جي صورت ۾ نڪتو ۽ ملوث ماڻهن سندس موت تي پردو وجهڻ جي ڪوشش ڪئي.  مقامي ميڊيا موجب خاشقجي سان جهيڙي جو سبب نه ٻڌايو ويو آهي ۽ اهو به واضح ناهي ته خاشقجي جو مڙهه ڪٿي آهي. سعودي حڪومت پاران صحافي جي موت تي افسوس جو اظهار ڪيو ويو آهي جڏهن ته پراسيڪيوٽر جو چوڻ آهي ته واقعي جي جاچ جاري آهي. آمريڪي ميڊيا موجب واقعي بعد سعودي ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان جي ٻن صلاحڪارن سميت پنجن اهم شخصيتن کي عهدي تان برطرف ڪيو ويو آهي جنهن ۾ سعودي انٽيليجنس جو نائب سربراهه به شامل آهي. واقعي ۾ 18 سعودي شهرين کي به گرفتار ڪيو ويو آهي پر الزامن جي نوعيت واضح نه ڪئي وئي آهي. ٻئي طرف سعودي بادشاهه سلمان انٽيليجنس جي نئين سر جوڙ جڪ لاءِ ولي عهد محمد جي سربراهيءَ ۾ وزارتي ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي جيڪا هڪ مهيني ۾ رپورٽ ڏيندي.  سعودي بادشاهه ۽ ترڪ صدر ۾ فون تي رابطو به ٿيو آهي جنهن ۾ صحافي جي موت بابت ڳالهيون ڪيون ويون آهن، ترڪي واقعي جي جاچ بابت سموري دنيا کي آگاهه ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

نيٺ طالبان محمد حسن اخوند جي سربراهي ۾ حڪومت جوڙي ورتي

طالبان جي اڳوڻي باني امير ملا عمر جو پٽ  ۽ فوجي آپريشن جو سربراهه ملا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *