Friday , March 29 2024

صوبائي وزير هري رام ڊينگي جي ور چڙهي ويو

صوبائي وزير هري رام ڊينگي جي ور چڙهي ويو، سندس ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ علاج هلندڙ

ڪراچي(رپورٽر   سنڌسماءَچار) صوبائي وزير هري رام ڪشوري لال ڊينگي بخار ۾ مبتلا ٿي ويو آهي، صوبائي وزير کي ڪراچي ۾ هڪ اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي. سنڌ اسيمبلي ۾ اقليتن جي مخصوص سيٽن تي ٿيل ايم پي ۽ صوبي جي خوراڪ کاتي واري وزير هري رام ڪشوري لال کي اوچتو ب خآر ٿي پيو، جنهن کي ڪراچي جي هڪ نجي اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو، جتي سندس طبي چاس مان پتو پيو آهي ته هري رام کي ڊينگي وائرس / بخار ٿي پيو آهي، هري  رام جي ڊين گي بخار جو علاج هکندڙ آهي. سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي سميت لاڙڪاڻو، نوشهرو فيروز، سکر، حيدر آباد، ميرپور خاص، نوابشاهه ۽ دادو سميت اڪثر ضلعن ۾ ڊينگي بخار جو آزار وبائي صورت اختيار ڪري رهيو آهي. سنڌ حڪومت  پاران مڇر مار ڦُوهارو ڪرائڻ لاءِ هيل تائين ڪي به جوڳڪا اپاءَ ناهن ورتا ويا، جنهن جي نتيجي نه مچرن جي چڪ پائڻ سان عام قسم جو بخار پر ملريا ۽ ڊينگي ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو اچي رهيو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *