Wednesday , April 24 2024

صوبائي وزير مرتضيٰ بلوچ جي پروٽوڪول اسڪواڊ جي گاڏي جي ٽڪر ۾ نوجوان فوت

سيوهڻ(خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) ڀان سيد آباد ويجهو صوبائي وزير مرتضيٰ بلوچ جي پروٽوڪول اسڪواڊ ۾ شامل هڪ گاڏي جي ٽڪر ۾ موٽر سائيڪل سوار نوجوان فوت ٿيويو، وارثن جي 5 ڪلاڪن تائين ڌرڻي بعد پوليس ڪيس داخل ڪري ڇڏيو، هڪ ڄڻو گرفتار. ڊرائيور ۽ ايم ايس خلاف ڌار ڌار ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. ڀان سيد آباد باءِ پاس تي صوبائي وزير مرتضيٰ بلوچ جي پروٽوڪول ۾ شامل گاڏي جو  موٽرسائيڪل کي ٽڪر هڻڻ جي نتيجي ۾ نوجوان عمران پنهور زخمي ٿي پيو، جيڪو  زخمن جا سور نه سهندي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو. فوت ٿيل نوجوان جي وارثن انڊس هاءِ وي تي لاش سوڌو ڌرڻو هنيو، جنهن سبب 5 ڪلاڪن تائين ٽريفڪ جي اچ وڄ معطل ٿي وئي.

پنج بعد پوليس پاران حادثي جي ذميوار ڊرائيور شاڪر جوکيو خلاف ڪيس داخل ڪرڻ کانپوءِ مقتول جي وارثن احتجاج ختم ڪري ڇڏيو. پوليس صوبائي وزير جي پروٽوڪول ۾ شامل گاڏي کي ڊرائيور سميت تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي.فوتي جي وارثن ڀان سيد اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر غلام سرور چنا  خلاف به ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ايم ايس جي لاپرواهي سبب نوجوان فوت ٿيو آهي.

”اسرائيل خطي جي هڪ اهم رياست آهي“: عمان جو پرڏيهي وزير

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *