Thursday , March 28 2024

صنم ماروي؛ مڙس کان ڌار ٿيڻ جو فيصلو ڪيو يا نه؟

صنم ماروي جي پهرين شادي 18 سالن جي عمر ۾ آفتاب احمد سان ٿي  هئي

سندس پهرين مڙس آفتاب کي 2009 ۾ ڪراچي ۾ قتل ڪيو ويو هو

ڪراچي / لاهور(رپورٽر   سنڌسماءَچار) سنڌي، اردو ۽ سرائڪي ٻولين جي ناليواري فنڪارا صنم ماروي جا سندس ور سان هلندڙ اختلاف آخري حد تي پهچي ويا آهن، صنم ماروي مڙس کان ڌار ٿيڻ جو اصولي فيصلو ڪري ڇڏيو هي، رپورٽس مطابق صنم ماروي مڙس کان ڌار ٿيڻ جو جواز اهو ڄاڻايو آهي ته هُو مٿس تشدد ڪندو رهندو آهي، ڪيترن ئي سالن کان پنهنجي اولاد جي ڪري خاموش هئي. صنم ماروي لاهور  جي فئملي ڪورٽ ۾ پنهنجي مڙس حماد خلاف هڪ درخواست داخل ڪرائي آهي، جنهن ۾ هن عدالت کي مڙس کان علحدگي / خلع وٺرائي ڏيڻ درخواست ڪئي آهي.

صنم ماروي درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته، سندس مڙس هن کي تشدد جو نشانو بڻائيندو رهندو آهي، تشدد سان گڏ هُو کيس گهٽ وڌ به ڳالهائيندو رهندو آهي، ايتري حد تائين جو گهر ڀاتين ۽ مهمانن جي آڏو به  نازيبا لفظ استعمال ڪندو رهندو آهي، هاڻي هُءَ مڙس جي اهڙي رويي کي وڌيڪ برداشت نه ٿي  ڪري سگهي، ڇو ته سندس رويي کي برداشت ڪندي ڪندي ٿڪجي پئي هي.

وڪيل معرفت فئملي ڪورٽ ۾ داخل ڪرايل درخواست ۾ صنم ماروي موقف اختيار ڪيو آهي ته، هنن ٻڻهي جي شادي مڪمل اسلامي روايتن ۽ طريقي سان ٿي هئي، کيس ٽن ٻارن جو به اولاد آهي، جن جيڪري ئي مڙس جو تشدد ۽ انتهائي اڻوڻندڙ رويو برداشت ڪندي رهي آهي. صنم ماروي عدالت کي درخواست ڪئي آهي ته هاڻي هوءَ مڙس سان وڌيڪ گڏ رهي نه ٿي سگهي، انڪري مڙس کان ڌار ٿيڻ / خلع جي ڊگري / حڪم جاري ڪيو وڃي.

صنم مارويءَ جي حامد علي خاان سان ٻي شادي آهي، هن جي پهرين شادي 18 سالن جي عمر ۾ آفتاب احمد سان ٿهي هئي، سندس مڙس آفتاب احمد کي 2009 ۾ ڪراچي ۾هٿياربندن فائرنگ ڪري قتل ڪيو هو، ان وقت صنم ماروي اميد سان هئي.

ديواني جي خواب جهڙو نماڻو عرض– اصغر آزاد

About Asghar Azad

Check Also

هُنن جي چاهڻ سان نه پر جڏهن مان چاهيان اليڪشن ٿيندي،معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو آهي: آصف زرداري

ڪراچي ( مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) “مان 14 سال جيل ۾ معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *