Wednesday , April 24 2024

صدر ممنون حسين قتل ڪيس ۾ رينجرز اهلڪارن جون سزائون معاف ڪري ڇڏيون

اسلام آباد( سنڌسماءَچار   مانيٽرنگ ڊيسڪ) صدر ممنون ڪراچي ۾  نوجوان سرفراز شاهه کي قتل ڪندڙ رينجرز اهلڪارن جي قتل جي سزا معاف ڪري ڇڏي آهي. آءِ جي سنڌ جيل کاتي طرفان صوبائي گهرو سيڪريٽري کي 4 جنوري تي لکيل خط ۾ معافي جي اطلاع ڏنو ويو جيڪو صدر ممنون حسين ڏانهن موڪليو ويو. صدر ممنون حسين جوابدار رينجرز اهلڪارن جي معافي واري اپيل منظور ڪندي سندن سزا معاف ڪري ڇڏي. جاري ڪيل خط ۾ چيو ويو آهي ته صدر ممنون حسين آئين جي آرٽيڪل 45 تحت رينجرز اهلڪارن جي رحم واري اپيل منظوري ڪندي کين معاف ڪيو. 8 جون 2011 تي ڪراچي جي بينظير ڀٽو انٽرنيشنل پارڪ ۾ رينجرز اهلڪارن فائرنگ ڪري 10هين ڪلاس جي شاگرد سرفراز شاهه کي قتل ڪيو هو جنهن جي وڊيو وائرل ٿيڻ بعد جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪئي وئي. ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت نوجوان کي قتل ڪندڙ رينجرز جي هڪ اهلڪار شاهد ظفر کي موت ۽ ٻين 6 جوابدارن کي عمر قيد جي سزا ۽ 2، 2 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائڻ جو حڪم ڏنو هو جنهن بعد سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران به جوابدرن جي سزا برقرار رکڻ جو حڪم ڏنو ويو هو. ياد رهي ته مقتول نوجوان جي وارثن به جوابدار رينجرز اهلڪارن کي معاف ڪري ڇڏيو هو پر عدالت جوابدارن جي سزا برقرار رکي هئي جيڪا اڄ صدر ممنون حسين پنهنجا اختيار استعمال ڪندي معاف ڪري ڇڏي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *