Wednesday , April 24 2024

”صدارتي چونڊن ۾ پ پ جو اميدوار اعتزاز احسن ئي هوندو“

ڪراچي( رپورٽ: اصغر آزاد   سنڌسماءَچار) پيپلز پارٽي صدر لاءِ پنهنجي اميدوار اعتزاز احسن کي هٿ نه کڻائڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي. سنڌسماءَچار کي ذريعن کان مليل ڄاڻ مطابق، پ پ قيادت فيصلو ڪري ورتو آهي ته، ڪو حمايت ڪري يا نه ڪري پر هُو پنهنجو اميداور ميدان ۾ لاهيندا. پاڪستان جي پاڪستان پيپلز پارٽي جي ملڪ جي نئين صدر جي چونڊ لاءِ پ پ پاران اعتزاز احسن، ن ليگ ۽ ايم ايم اي جو مولانا فضل الرحمان ۽ حڪمران پارٽي پي ٽي آءِ جو اميدوار عارف علوي ميدان ۾ لٿل آهن.

پ پ پاران مخالف ڌر جي گڏيل صدارتي اميدوار بدران پنهنجو اميداور سامهون آڻڻ بعد مخالف ڌر ۾ وڌندڙ ويڇن بابت سنڌسماءَچارکي مليل ڄاڻ مطابق پ پ پ جي هڪ سينئر اڳواڻ چيو ته، ”صدارتي چونڊن ۾ ن ليگ سميت مخالف ڌر جون پارٽيون حمايت ڪن يا نه پر پيپلز پارٽي پنهنجي اميدوار کي هٿ نه کڻائيندي ۽ اسان جو اميدوار اعتزاز احسن ئي آهي“. پ پ پ جي هڪ ٻئي اڳواڻ سنڌسماءَچار کي نالو نه لکڻ تي ٻڌايو ته، ” اسان جي قيادت جون ڪجهه مجبوريون آهن، جنهن سبب ڪجهه نه ٿا ڪري سگهون، فضل الرحمان جي حمايت نه ڪئي ويندي ۽ پي ٽي آءِ توڙي مخالف ڌر جي صدارتي اميدوارن سامهون پ پ جو اميدوار هوندو“. پ پ قيادت جون ڪهڙيون مجبوريون آهن جو 90 سيڪڙو ڪاميابي جي پڪ هجڻ باوجود گڏيل صدارتي اميدوار آڻڻ لاءِ پ پ اعتزاز احسن جي نامزدگي اڳوٽ ئي پڌري ڪري ڇڏي؟. جي سوال تي سينئر پ پ اڳواڻ ٻڌايو ته، اها خبر پهريان پ پ پ سنڌ جي عورت اڳواڻ معرفت ذريعن جي نالي تي خبر هلرائي ڇڏي. ان بابت جڏهن ڪجهه سينئر اڳواڻن آصف زرداري کان ان بابت پڇيو ته، آصف زرداري ” ٺيڪ آهي “ جو جواب ڏنو.

پ پ ذريعن جو چوڻ آهي ته، آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري جون اڄ اڱري ڏينهن ( 28 هين اگسٽ) تي ڪجهه ميٽنگز آهن، جنهن کانپوءِ شام جو پارٽي جو اجلاس ٿيندو، ان ۾ نه رڳو صدارتي اميدوار پر ٻين معاملن تي به پارٽي جو موقف سامهون اچي ويندو ۽ صدارتي اميدوار کانسواءِ ڪجهه موقف اهڙُ هوندو جو سڀئي حيران ٿي ويندا.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *