Friday , March 29 2024

صدارتي چونڊ، مخالف ڌر کي گڏ رکڻ جي آخرتائين ڪوشش ڪنداسين: احسن اقبال

اسلام آباد( سنڌسماءَچار  مانيٽرنگ ڊيسڪ) ن ليگ جي اڳواڻ احسن اقبال چيو آهي ته، غلطيون اسان کان به ٿيو آهن پر سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته پ پ پ ڪهڙي قسم جي سياست ڪري رهي آهي، اسان جي ڪوشش آهي ته مخالف ڌر کي گڏ رکڻ لاءِ آخر تائين ڪوشش ڪنداسين. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي احسن اقبال چيو ته، صدارتي چونڊ لاءِ مخالف ڌر جي سمورين پارٽين ۾ طئه ٿيو هو ته سموريون پارٽيون پنهنجي پنهنجي اميدوارن جا نالا ڏيندا جن مان گڏيل فيصلو ڪري هڪ نالي تي اتفاق ڪيو ويندو. هن چيو ته اسان کي پ پ يا اعتزاز احسن سان ڪو به ذاتي جهڙو ناهي باوجود ان جي ته اعتزاز احسن نواز شريف ۽ بيگم ڪلثوم نواز بابت هن انتهائي ذاتي سطح جا بيان ڏنا. احسن اقبال چيو ته ماضي ۾ غلطيون اسان کان به ٿيون آهن جن جو ازالو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي پر اسان کي سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي دوستن کي ڇا ٿي ويو آهي ۽ اُهي ڪهڙي قسم جي سياست ڪري رهيا آهن. اسان کي لڳي ٿو ته پ پ پ صدارتي چونڊن ۾ تحريڪ انصاف کي آساني سان کٽائڻ جي ڪوشش / واڪ اوور ڪري رهي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *