Thursday , April 25 2024

صدارتي آرڊيننس تحت سنڌ جو بُنڊار ۽  ڏنگي سامونڊي ٻيٽ وفاق جي ملڪيت ٿي ويا

پاڪستان آئيلينڊز ڊولپمينٽ اٿارٽي وفاقي ۽ صوبائي حڪومت کي هدايتون ڪرڻ جو اختيار هوندو

اٿارٽي جو چيئرمين 22هين گريڊ جو حاضر سروس يا رٽائرڊ ڪامورو، ليفٽيننٽ جنرل يا ان کان مٿين گريڊ جو حاضر سروس فوجي يا رٽائرڊ فوجي به مقرر ٿي سگهندو

ڪراچي(رپورٽ: اصغر آزاد     سنڌسماءَچار) صدارتي آرڊيننس تحت وفاق پاران پنهنجي انتظام هيٺ ورتل سنڌ جي ٻن سامونڊي ٻيٽ وفاقي حڪومت جي ملڪيت ٿي چڪا آهن، پاڪستان آئيلينڊز ڊولپمينٽ اٿارٽي جو چيئرمين 22هين گريڊ جو حاضر سروس يا رٽائرڊ ڪامورو، ليفٽيننٽ جنرل يا ان کان مٿين گريڊ جو حاضر سروس فوجي يا رٽائرڊ فوجي به مقرر ٿي سگهندو، ذريعن کان مليل معلومات مطابق، “ پاڪستان آئيلينڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي ” قائم ڪرڻ واري آرڊيننس مطابق جنهن ڏينهن آرڊيننس جاري ٿيو آهي، ان ڏينهن کان ڏنگي ۽ بُنڊار ٻيٽ ان اٿارٽيءَ جي انتظام هيٺ اچي چڪا آهن ۽ اُهي ان جي ملڪيت آهن ۽ سنڌ حڪومت پاران اڃا تائين ڪنهن به سطح تي ڪو به اعتراض ناهي واريو. صدارتي آرڊيننس بابت سنڌسماءَچار کي مليل ڄاڻ مطابق، اٿارٽي وفاقي حڪومت توڙي لاڳاپيل صوبائي حڪومت کي پاليسيون جوڙڻ، قانون جوڙڻ بابت هدايتون ڏئي سگهندي، اٿارٽي سيڙپڪارن کي نشاندهي ڪيل علائقن ۾ رعايتون ڏيڻ لاءِ ٺيڪن، ڪسٽم، ايڪسائيز ڊيوٽي سميت ٻيا مالي فائدا ڏيڻ جي به حڪومت کي سفارش ڪري سگهندي.

اٿارٽي وفاقي حڪومت توڙي لاڳاپيل صوبائي حڪومت کي پاليسيون، قانون ۽ هدايتون تجويز ڪرڻ جو اختيار به هن اٿارٽي جو اختيار هوندو. اٿارٽي سيڙپڪارن کي نشاندهي ڪيل علائقن ۾ رعايتون ڏيڻ لاءِ ٺيڪن، ڪسٽم، ايڪسائيز ڊيوٽي سميت ٻيا مالي فائدا ڏيڻ جي به حڪومت کي سفارش ڪري سگهندي. صدارتي آرڊيننس موجب پاڪستان آئيلينڊز ڊولپمينٽ اٿارٽي جو چيئرمين 22هين گريڊ جو حاضر سروس يا رٽائرڊ ڪامورو، ليفٽيننٽ جنرل يا ان کان مٿين گريڊ جو حاضر سروس فوجي يا رٽائرڊ فوجي به مقرر ٿي سگهي ٿو. وزيراعظم اٿارٽي جو سرپرست هوندو، اٿارٽي سمورا منصوبا منظوري لاءِ وزيراعظم کي پيش ڪرڻ جي پابند هوندي. پاڪستان آئيلينڊ اٿارٽي قائم ڪرڻ وارو آرڊيننس سڄي ملڪ سوڌو آرڊيننس ۾ نشاندهي ڪيل علائقن ۾ فوري طور لاڳو ٿي ويو چڪو آهي. اٿارٽي کي ڪارپوريٽ اداري جو درجو هوندو. صدارتي آرڊيننس موجب اٿارٽي کي متحرڪ ۽ غير متحرڪ ملڪيتون رکڻ ۽ حاصل ڪرڻ جو اختيار هوندو.

آرڊيننس جي پهرين شيڊول ۾ مخصوص ڪيل علائقن جي حدن ۾ صرف بُنڊار ۽ ڏنگي ٻيٽن جا نالا شامل ڪيا ويا آهن، جڏهن ته ٻئي ڪنهن به ٻيٽ جو نالو شامل نه آهي. آرڊيننس ۾ گنجائش رکي وئي آهي ٻين سامونڊي ٻيٽن جا نالا به شامل ڪري سگهجن ٿا، ذريعن کان مليل ڄاڻ موجب آرڊيننس اهو به ڄاڻايو ويو آهي ته پاڪستان آئيلينڊ اٿارٽي جي ڪم، ۽ ان جي اختياري حدن بابت ڄاڻايو ويو آهي ته اٿارٽي نشاندهي ڪيل علائقن ۾ ڊولپمينٽ، ترقي لاءِ پاليسيون، حڪم ۽سموريون انتظامي حڪمت عمليون جوڙي سگهندي.آرڊيننس مطابق ان جي انتظامي حدن ۾ غير متحرڪ ملڪيتن، مناسب ترقياتي منصوبن جي نشاندهي ڪرڻ به اٿارٽي جو ڪم هوندو. نشاندهي ڪيل علائقن ۾ صنعت، سياحت، واپار کي عالمي سطح تي هٿي وٺرائڻ لاءِ اٿارٽي جو سرپرست يعني وزيراعظم جي هدايتن جي روشني ۾ اٿارٽي نشاندهي ڪيل هنڌن تي ڊيوٽي فري ايرياز، حبز، لاجسٽڪ سينٽر، عالمي سياحت، واپار، سيڙپڪاري جي حوالي حوصلا افزائي ڪرڻ سان گڏ ان عمل کي هٿي وٺرائڻ لاءِ به ڪم ڪري سگهندي، اٿارٽي حڪومت کي سرڪاري، نجي، غير متحرڪ ملڪيتن فراهم ڪرڻ، خريد ڪري ڏيڻ جي به سفارش ڪري سگهي ٿي. اٿارٽي کي نشاندهي ڪيل علائقن ۾ زوننگ، ٽائون پلاننگ، بنيادي ڍانچي جي ترقي، زمين جي استعمال، بلڊنگ ڪنٽرول ريگيوليشن تيار ڪرڻ سان گڏ ماسٽر پلان منظور ڪرڻ جو به اختيار ڏنو ويو آهي.

اٿارٽي کي اختيار هوندو ته ان جي اختياراتي حدن ۾ سمورا منصوبا شروع ڪري سگهي. اٿارٽي اسڪيمن لاءِ غير متحرڪ ملڪيت (زمين) ڪنهن کي منتقل ڪرڻ، ان لاءِ رجسٽريشن جو شفاف طريقيڪار جوڙڻ سوڌو غير متحرڪ ملڪيتن کي مختصر ڪرڻ، ان کي الاٽ يا نيلام ڪرڻ جو به طريقيڪار جوڙيندي. اٿارٽي لاڳاپيل اداري جي رضامندي سان ليويز، ٽيڪسون، ڊيوٽيز، فيز، ملڪيتن جي منتقلي تي چارجز وصول ڪري سگهندي، اٿاڙٽيءَ کي ڪامن ايرياز، انهن تي موجود عمارتن جو ڪنٽرول سنڀالڻ جو به اختيار هوندو، اٿارٽي کي ليويزلاڳو ڪرڻ، جرماني، فيز، سرچارج وصول ڪرڻ ۽ طئي ڪرڻ جو به اختيار هوندو، صدارتي آرڊيننس ۾ اهو به چيو ويو آهي ته، آرڊيننس جا مقصد جي حاصل ڪرڻ لاءِ لاڳاپيل ايجنسين، وفاقي، صوبائي ۽ مقامي سطح جي ادارن سان ڪوآرڊينيشن ڪرڻ به اختيار هوندو، اٿارٽي هن آرڊيننس ۾ ڏنل ذميوارين سوڌو ذيلي ذميواريون به ادا ڪري سگهندي، هن آرڊيننس ذريعي ڪارڪردگي کي بهتر بنائڻ ۽ پنهنجي مدد لاءِ اٿارٽي کي هڪ کان وڌيڪ ايجنسيون، ڪاميٽيون قائم ڪرڻ جو به اختيار هوندو، اٿارٽي کي ريئل اسٽيٽ، سيڙپڪارن، بانڊن، ٽرسٽن، سڪوڪ بانڊز، پارٽيسيپيشن ٽرمز سرٽيفڪيٽ، ٽرم فنانس سرٽيفڪيٽن سوڌو قرض ۽ رڪوريز ذريعي هر قسم جي فنڊ ريزنگ جو اختيار هوندو. آرڊيننس ۾ اٿارٽي کي اهو به اختيار ڏنو ويو آهي ته حڪومتي ادارن، ڊونر ايجنسين، مالياتي ادارن کان مالي امداد ۽ قرض به حاصل ڪري سگهندي. اٿارٽي بجلي پيداوار سوڌو پاڻي، گيس سوڌو ٻيون سهولتون حاصل ڪري سگهندي، اٿارٽي طئي ٿيل شرطن تحت بلدياتي حڪومت ڪنهن مقامي اٿارٽي کي ڪجهه فنڪشن حوالي ڪري سگهندي، پبلڪ پرائيويٽ پارٽنر شپ سوڌو ڪنهن به شڪل ۾ اٿارٽي ڪو فنڪشن حوالي ڪري سگهندي، مقصدن جي حاصلات لاءِ ايجنسيون، ڪمپنيون، انهن جون شاخون، ٽرسٽ، سوسائٽيون، ايسوسيئيشنز قائم ڪرڻ ۽ جوائنٽ وينچر ڪرڻ جو به اختيار هوندو، اٿارٽي کي ضروري سامان، مشنري، ايڪوئپمينٽ، پلانٽ خريد جو به اختيار هوندو. اٿارٽي کي ملڪيت ليز تي ڏيڻ، خريد ڪرڻ، وڪرو، مٽاسٽا يا ڪرائي تي ڏيڻ جو اختيار هوندو. چيئرمين جي مقرري لاءِ وفاقي حڪومت اويليوئيشن ڪاميٽي قائم ڪندي، جيڪا گهٽ ۾ گهٽ هڪ وفاقي وزير ۽ ٻن وفاقي سيڪريٽرين تي ٻڌل هوندو، جيڪا اشتهار ذريعي چيئرمين جي عهدي لاءِ اميدوارن کان درخواستون طلب ڪري انهن مان چيئرمين جي عهدي لاءِ نالا تجويز ڪندي، اگر حڪومت ان ڪاميٽي جي سفارش مان مطمئن نه ٿي ته ڪاميٽي کان وڌيڪ سفارشون طلب ڪري سگهندي، اٿارٽي جي چيئرمين کي 4 سالن لاءِ مقرر ڪري سگهبو، اٿارٽي جي چيئرمين کي حڪومت اضافي چار سالن جي وڌيڪ عرصي لاءِ ٻيهر به مقرر ڪري سگهندي، چيئرمين جو عهدو خالي ٿيڻ تي قائم مقام چيئرمين جي مقرري جو وزير اعظم کي اختيار هوندو، آرڊيننس تحت اٿارٽي کي ترقياتي اسڪيمن جي فزيبلٽي اسٽڊي تيار ڪرڻ ۽ ان جو موڊ طئي ڪرڻ جو اختيار هوندو، تمام اسڪيمون اٿارٽي جي پيٽرن کي منظوري لاءِ پيش ٿينديون، اٿارٽي منظور ٿيل هر اسڪيم کي سرڪاري گزيٽ ۾ شايع ڪرڻ جي پابندي تصور ٿيندي، اٿارٽي ترقياتي اسڪيمون پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ۽ جوائنٽ وينچر جي صورت ۾ به شروع ڪري سگهندي.

تحريڪ انصاف جي وفاقي حڪومت سنڌ جي ٻيٽن تي قبضو ڪري ورتو، رياست اندر رياست قائم ڪرڻ جو آرڊيننس به جاري

وفاقي حڪومت پاران سنڌ جي سامونڊي ٻيٽن تي هڪ ڀيرو ٻيهر قبضي جون تياريون مڪمل

سنڌ حڪومت پاران بُنڊار سان گڏ ڏنگي ٻيٽ تي به منصوبن ۾ وفاق سان سهڪار جو اعلان

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *