Friday , April 19 2024

صحت کاتي جي لاجواب ڪارڪردگي، مٺي ۾ فوتي ٻار جو لاش کڻڻ لاءِ ماءُ چندو گڏ ڪيو، اسلام آباد ۾ بلاول پاران والد جي علاج لاءِ ميڊيا آڏو دانهون

صحت کاتي جي لاجواب ڪارڪردگي، مٺي سول اسپتال ۾ فوتي ٻار جو لاش کڻي وڃڻ لاءِ اسپتال انتظاميا ايمبولينس جي تيل جا پئسا  نه ڏيڻ تي ايمبولينس کان کُتو جواب ڏئي ڇڏيو

ڏاهلي / مٺي( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ حڪومت جي صحت جي شعبي ۾ لاجواب ڪارڪردگي جو هڪ وڌيڪ مثال منظر تي اچي ويو آهي، مٺي سول اسپتال ۾ علاج دوران فوت ٿي ويل ٻارڙي جو لاش کڻي ووڃڻ لاءِ انتظاميا ايمبولينس تيل جا پئسا نه ڏيڻ تي کُتو جواب ڏئي ڇڏيو. مٺي سول اسپتال ۾ ڳوٺ ماڃٺي واسي ڳوٺاڻي اميد علي دل جو ابهم ٻارڙو علاج دوران فوت ٿي ويو. فوتي ٻارڙي جو لاش ڳوٺ کڻائي وڃڻ لاءِ وارثن اسپتال انتظاميا کي ايمبولينس ڏيڻ جو چيو، پر اسپتال انتظاميا ايمبولينس جي تيل جا پئسا گهريا جيڪي نه هجڻ تي کين کُتو جواب ڏنو ويو.

اسپتال ۾ فوت ٿيل چار مهينن جي ٻارڙي اڪرم ولد اميد علي دل جو لاش ڳوٺ ماڃٺي پهچائڻ لاءِ ايمبولينس نه ملڻ تي ٻارڙي جي ماءُ معصوم پٽ جو لاش کڻي اسپتال جي مک دروازي تي احتجاج ڪرڻ بعد چندو گڏ ڪيو. شهرين کيس چندو گڏ ڪري ايمبولينس ڪرائي تي ڪرائي ڏني، جنهن بعد هُو ابم پٽڙي جو مڙهه کڻا ڳوٺ رواني ٿي ويئي. تعجب جهڙي ڳالهه اها آهي ته وارثن پاران احتجاج ڪرڻ باوجود اسپتال انتظاميا توڙي صحت کاتي جي ڪن تي  جونءَ به ناهي چُري سگهي. ٻارڙي جي وارثن چيو ته اسان غريب آهيون، اسپتال ۾ علاج به پئسن تي ڪرايو، هتي ڪابه دوا يا گوري نه آهي، صرف بستري جي سهولت مشڪل سان ملي ٿي، لاش کڻائي وڃڻ لاءِ به ايمبولينس جي تيل جا پئسا ڏيڻ کانسواءِ نه ٿي ملي.

ٻئي پاسي پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اسلام آباد ۾ داخل پنهنجي والد ۽ اڳوڻي صدر آصف زرداري کي علاج جون سهولتون مهيا نه ڪرڻ خلاف ميڊيا آڏو احتجاج رڪارڊ ڪرائيندي چيو ته، حڪومت آصف زرداري جي علاج ۾ رنڊڪون وجهي رهي آهي، آصف زرداري جو علاج ڊاڪٽرن جي تجويزن مطابق نه پيو ڪيو وڃي. بلاول آصف زرداري سان ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي وڌيڪ چيو ته سندس والد سان ذاتي ڊاڪٽرن کي ملڻ به نه پيو ڏنو وڃي.

منگهو پير ۾ 1000 ايڪڙن کان وڌيڪ سرڪاري زمين تي بنگالين ۽ افغانين جا قبضا، فئڪٽريون قائم

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *