Saturday , April 20 2024

صحت کاتي جي بيوروڪريسي عدالتي واٽر ڪميشن جو نالو استعمال ڪري پئي: جسٽس اقبال ڪلهوڙو

      Gadap1

ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ صاف پاڻي جي فراهمي ۽ گندي پاڻي جي نيڪال بابت جوڙيل ڪميشن جي سربراهه جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙو، صاف پاڻي جي فراهمي ۽ گندي پاڻي جي نيڪال بابت سپريم ڪورٽ جي حڪمن تي عملدرآمد تي عدم اطمينان جو اظهار ڪندي 8 اپريل تائين سنڌ حڪومت ۽ ٻين ادارن کان اڳڀرائي بابت رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

ڪميشن ڪارروائي شروع ڪئي ته ٽاسڪ فورس جو سربراهه جمال مصطفيٰ سيد، ايم ڊي واٽر بورڊ هاشم رضا زيدي، سيڪريٽري صنعت عبدالرحيم سومرو، ڪمشنر حيدرآباد، سيڪريٽري صحت ڊاڪٽر فضل الله پيچوهو ۽ ٻيا پيش ٿيا.

جسٽس اقبال ڪلهوڙو چيو ته ڪميشن جو نالو وٺي اسپتال انتظاميا دوائون ٺاهيندڙ ڪمپنين کان انسنريٽر گهرائي رهي آهي جيڪو ٺيڪ ناهي. اهو سنجيده معاملو آهي جنهن جي جاچ ڪرائي وڃي.  جنهن تي جسٽس اقبال ڪلهوڙو چيو ته اسان چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج اسپتال جي دوري دوران ان کي انتهائي خراب حالت ۾ ڏٺو جنهن تي صحت کاتي جي سيڪريٽري چيو ته چانڊڪا کي گئس جي فراهمي شروع ڪري ڏني آهي. جسٽس اقبال ڪلهوڙو چيو ته معاملو رڳو گئس جو نه پر پلانٽ کي شروع ڪرڻ جو آهي.

Gadap2

ڪميشن جي سربراهه چيو ته سنڌ  ۾ جن اسپتالن جو اسان دورو ڪيو انهن جي حالت خراب هئي. الله توهان کي موقعو ڏنو آهي ته معاملن کي ٺيڪ ڪيو. ڪميشن جو حڪم ٿيندو ته صفائي ٿيندي، ٻي صورت ۾ اسپتالن ۾ صفائي نه ٿيندي  ان موقعي تي ڪميشن رمارڪس ڏيندي چيو ته قانون جي خلاف ورزي ڪندڙ خانگي ليبارٽرين کي بند ڪرايو، ان موقعي تي صحت کاتي جي سيڪريٽري ڊاڪٽر فضل الله پيچوهو چيو ته اسپتالن ۾ هوٽل ۽ غير قانوني پارڪنگ ٺاهيون ويون آهن جنهن تي ڪميشن جي سربراهه جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙو چيو ته اهڙين اسپتالن جي لسٽ ڏني وڃي. ڪميشن اسپتالن مان هوٽل ۽ پارڪنگ جي خاتمي لاءِ به حڪم جاري ڪندي.

stell mills1pacca chang

ان کان اڳ واٽر ڪميشن جي ڪارروائي دوران ڪميشن چيو ته سپريم ڪورٽ 15 مارچ تي ٽاسڪ فورس جوڙي ٻن هفتن ۾ ٽاسڪ فورس سپريم ڪورٽ جي حڪم تي عملدرآمد لاءِ ڇا ڪيو آهي؟. جنهن تي ٽاسڪ فورس جي سربراهه آبپاشي کاتي جي سيڪريٽري جمال مصطفيٰ سيد چيو  ته ٽاسڪ فورس جي ميمبرن جي چونڊ ڪري ڪم شروع ڪري ڏنو آهي. هن چيو ته گهٽ مدي ۽ ڊگهي مدي واريون رٿائون آهن جن مان گهڻي ڀاڱي گهٽ مدي واريون ذميواريون آهن. جمال مصطفيٰ سيد چيو ته ڪوٽڙي جي ٽريٽمينٽ پلانٽ جو به معائنو ڪري ان جي چارج سنڀالي ورتي آهي. هن چيو ته سنڌو درياءَ جي 4 سئو کان وڌيڪ هنڌن تي سيوريج جو گندو پاڻي ڇڏيو وڃي ٿو.

ٽاسڪ فورس پاران ڪميشن جي رپورٽ جو جائزو ورتو آهي.  ابتدائي طور ڊيٽا جمع ڪئي پئي وڃي جنهنڪري ابتدائي رپورٽ پيش ڪرڻ لاءِ هڪ هفتو ڏنو وڃي.

ان موقعي تي واٽر بورڊ جي ايم ڊي هاشم رضا زيدي  چيو ته واٽر بورڊ پنهنجي ابتدائي رپورٽ هڪ هفتي ۾ ڪميشن ۾ جمع ڪرائي ڇڏيندي.  واٽر بورڊ جي ايم ڊي چيو ته ڪلورينيشن ۽ فلٽريشن ڌار ڌار معاملا آهن. ڪلورينيشن ٿي رهي آهي پر ان جو مقدار گهٽ آهي. هن چيو ته ٽريٽمينٽ پلانٽ ۽ فلٽر پلانٽس جي بحالي لاءِ ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي. ماحوليات جي ايڊيشنل ڊائريڪٽر جنرل ڪميشن  کي ٻڌايو ته سپريم ڪورٽ جي حڪم تحت ماحوليات جي ڊي جي نعيم مغل کي هٽايو ويو آهي ۽ ان جي جاءِ تي اڃا تائين نئون ڊيِ جي مقرر نه ٿي سگهيو آهي. هن چيو ته پاڻي ڪميشن جي رپورٽ جي بنيادن تي صنعتي ادارن مان نڪرندڙ گدلاڻ کي صاف ڪرڻ بابت ڪيتريون ئي رٿائون جوڙيون آهن پر ڊائريڪٽر جنرل جي مقرري نه ٿيڻ سبب انهن تي عملدرآمد نه ٿي سگهيو آهي ۽ اهي رولڙِي جو شڪار آهن. جنهن تي جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙو چيو ته ماحوليات جي تحفظ واري اداري بابت ته سپريم ڪورٽ گهڻو ڪجهه چيو آهي. سنڌ سرڪار ماحوليات جي تحفظ واري اداري جي معاملن کي ڏسي ته هو ڪيئن هلي رهيو آهي؟.

ڪميشن جي ڪارروائي دوران حيدرآباد جي ڪمشنر ٽريٽمينٽ پلانٽ جي بحالي توڙي گندي پاڻي کي صاف ڪرڻ ۽ صاف پاڻي جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ پاڻي ڪميشن جي رپورٽ تي عملدرآمد بابت رپورٽ پيش ڪندي چيو ته صاف پاڻي جي فراهمي ۽ گندي پاڻي جي نيڪال وارن هنڌن تي ٿيل غير قانوني قبضا ختم ڪرڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن. واسا سان به ان سلسلي ۾ گڏجاڻي رٿيل آهي ۽ ايندڙ هفتي ان تي ڪم شروع ٿي ويندو.

ان موقعي تي صحت کاتي جي سيڪريٽري ڊاڪٽر فضل الله پيچوهو پڻ ڪميشن جي رپورٽ تي عملدرآمد بابت ابتدائي رپورٽ پيش ڪندي چيو ته ڪميشن جي رپورٽ تي عملدرآمد لاءِ ننڍي ۽ ڊگهي مدي واريون رٿائون جوڙيون ويون آهن. ڊگهي مدي واريون رٿائون جون 2018ع ۾ مڪمل ٿينديون. هن چيو ته اسپتالن مان نڪرندڙ گند ڪچري کي ٺڪاڻي تي لڳائڻ لاءِ ڪو مڪينزم ناهي.جيڪو تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

water drinking1Sukkur barrage 3

فضل الله پيچوهو چيو ته اسپتالن ۾ گند ڪچري کي ٺڪاڻي تي لڳائڻ لاءِ ڊي ايڇ او جي سربراهي ۾ ڪاميٽيون ٺاهيون ويون آهن جيڪي اسپتال جي رولز ۽ سنڌ انوائرمينٽ پروٽيڪشن ايجنسي جي قانون تي عمل ڪرائينديون. هن چيو ته اسپتالن مان ميڊيڪل گدلاڻ کي ٺڪاڻي تي لڳائڻ جي موجوده صورتحال بابت پڻ رپورٽ طلب ڪئي آهي. ان موقعي تي سنڌ سرڪار جي فوڪل پرسن چيو ته واپڊا کي پئسن جي ادائيگي باوجود به ڪنيڪشن نه ڏنو ويندو آهي جنهن تي ڪميشن جي سربراهه چيو ته جن رٿائن کي بجلي جا ڪنيڪشن فراهم نه ڪيا ويا انهن جي لسٽ پيش ڪيو.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *