Friday , March 29 2024

صحت کاتي پاران ايڊز کان پوءِ لاڙڪاڻي جا ٻارڙا ڪاري ڪامڻ حوالي ڪرڻ جي تياري!!!

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽر    سنڌسماءَچار) سنڌ حڪومت ايڊز کانپوءِ ٻارڙن کي ڪاري ڪامڻ جي رحم ڪرم تي ڇڏڻ جو بِلو ڪري ڇڏيو آهي، لاڙڪاڻي ۾ لکين رپين جون ويڪسينس ٻارن کي پيئارڻ بدران اسپتال اسپتال جي زينت بڻائي رکيون جيڪي ڪجهه ڏينهن اندر مُدي خارج ٿي وينديون. رپورٽ موجب هيپاٽائيٽس بي ۽ سي / ڪاري ڪامڻ کان بچاءَ لاءِ ٻارڙن کي ويڪسين پيئارڻ لاءِ اڳوڻي ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو عباس بلوچ پاران گهرايل لکين رپين جون ويڪسينس ٻارن کي نه پيئاريون ويون، ڊي ايڇ او لاڙڪاڻوويڪسين نه پيئارڻ جو جواز ڄاڻائيندي چيو آهي ته، گرمين جون موڪلون هجڻ ڪري اسڪول بند هئا انڪري ويڪسين ٻارڙن کي نه پيئاريون ويون، ڇو ته ڊي سي پاران گهرايل ويڪسينس اسڪولي ٻارڙن کي پيئارڻ لاءِ خريد ڪيون ويون هيون.

 اڳوڻو ڪمشنر لاڙڪاڻو ڊويزن غلام عباس بلوچ جي دور سال 2017ع ۾ اسڪولي ٻارڙن کي هيپاٽائٽس کان بچائڻ لاءِ 24 هزار حفاظتي ويڪسين خريد ڪيون ويون جيڪي مسلسل ٻن سالن تائين استعمال نه ٿيڻ جي ڪري هزارين ويڪسين 15 ڏينهن کان پوءِ مدي خارج ٿي وينديون. ان حوالي سان معلوم ٿيو آهي ته صحت کاتي طرفان ايڪسپينڊيڊ پروگرام آف اميونائيزيشن پروگرام تحت لاڙڪاڻي ضلعي جي اسڪولن ۾ 12 سالن تائين جي ٻارڙن کي هيپاٽائٽس کان بچائڻ لاءِ حفاظتي ويڪسين لڳائڻي هئي پر موڪلن سبب اسڪول بند هجڻ ڪري اهي نه لڳي سگهيون ان صورتحال ۾ اسڪول جي موڪلن کان بعد ۽ سڀاڻي کان شروع ٿيندڙ پوليو مهم جي ڪري ويڪسين استعمال ٿي نه ٿيون سگهن. ٻڌايو پيو وڃي ته ويڪسين انتهائي غير معياري آهي ڇاڪاڻ مارڪيٽ ۾ 600 روپين کان وڌيڪ واري ويڪسين معياري آهي پر خريد ڪري ويڪسين جي قيمت صرف 180 روپيه آهي جيڪا استعمال نه ڪئي وئي. ان حوالي سان ضلعي هيلٿ آفيسر لاڙڪاڻو ڊاڪٽر عبدالرحمٰن بلوچ طرفان غفلت جي الزام هيٺ پروگرام انچارج ۽ لاڳاپيل آفيسرن کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪرڻ جي خاطري ڪرائي ميڊيا کي ٻڌايو ته ويڪسين 30 تي مدي خارج ٿي ويندي پر چئن ڏينهن کان گهر گهر ٽيمون موڪلي ان کي استعمال ڪري رهيا آهيون، ٻن ڏينهن کان ڏوڪري ۽ ٻين علائقن ۾ ويڪسين ڏيڻ جو عمل جاري آهي. هوڏانهن ويڪسين جي مدي خارج ٿيڻ جو ڊي جي هيلٿ سروسز ڊاڪٽر مسعود سولنگي نوٽيس وٺندي جاچ ڪاميٽي جوڙي ورتي آهي جنهن ۾ ڊي جي آفيس جو ڊپٽي ڊائريڪٽر يار محمد کوسو، ڊپٽي پروگرام هيپاٽائٽس ڊاڪٽر اظهر شاهه ۽ يونس اسد شيخ شامل آهن. جاچ ٽيم سومر ڏينهن لاڙڪاڻي پهچي مدي خارج ويڪسين استعمال نه ٿيڻ جي جاچ ڪندي ۽ غلفت جو مظاهرو ڪندڙ آفيسرن خلاف ڪاروائي جي سفارش پڻ ڪندي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *